English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڪچي شراب، فحاشي جي اڏن ۽ وڌندڙ بدامني خلاف مختلف برادرين جو احتجاج
27 views
|
15th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڌندڙ بدامني، ڪچي شراب جي واپار، ۽ فحاشي جي اڏن خلاف ڪولهي، ٻٻر، ڀيل، ۽ مالهي برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پوليس ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، احتجاج جي اڳواڻي ڊاڪٽر جمال ڀيل، روپچند ڀيل، لکمير اوڏ، پانچارام ڪولهي، ڏيرام نائي، عنايت علي ٻٻر، ۽ ليکراج مالهي سميت ٻين سماجي اڳواڻن ڪئي، هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمرڪوٽ ويجهو منو مالهي، خاص طور جوگي پاڙي ۾، ڪچي شراب جون بٺيون ۽ فحاشي جا اڏا بي ڌڙڪ هلي رهيا آهن، جن سبب علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، اسان پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪري به نٿا سگهون، ڏوهاري ماڻهن جنجال مچائي ڇڏيو آهي، احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته پوليس کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڏيڻ باوجود ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي، بلڪه پوليس الٽو متاثر ماڻهن کي تنگ ڪري رهي آهي، هنن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد امير شاهه ۽ ايس پي عمرڪوٽ عزيز احمد ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور صورتحال جو نوٽيس وٺي، منو مالهي جي جوگي پاڙي سميت ٻين علائقن مان ڪچي شراب جي بٺين ۽ فحاشي جي اڏن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مقامي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
فحاشي جي اڏن
0 تبصرے