English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪ نيوي طرفان شاهبندر ۾ مفت ميڊيڪل ڪيئمپ لڳائي وئي
45 views
|
13th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪيمپ ساحل ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ شاهد آفريدي فائونڊيشن جي تعاون سان لڳائي وئي
سجاول (رپورٽر) پاڪ نيوي طرفان شاهبندر ۾ هڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪيئمپ لڳائي ويئي، پاڪ نيوي جي مرد ۽ ليڊي ڊاڪٽرن پاران 450 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪري مفت دوائون ڏنيون ويون.پاڪستان نيوي طرفان ساحل ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ شاهد آفريدي فائونڊيشن جي تعاون سان جونگو جلباڻي ۾ هڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪيئمپ لڳائي ويئي، جنهن ۾ پاڪ نيوي جي مرد ۽ ليڊي ڊاڪٽرن پاران ڪيترن ئي مرد، عورتن ۽ ٻارڙن جو مختلف بيمارين جو مفت علاج ڪري کين مفت ميڊيسن ڏني ويئي. ان موقعي تي پاڪستان نيوي جي ليفٽينٽ عُزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ نيوي جي وڌ کان وڌ ڪوشش رهي آهي ته هر پنهنجي ملڪ جي عوام جي خدمت ۾ مصروف هجي، خصوصن ٻوڏ، طوفان واري هنگامي حالتن ۾ پنهنجي ملڪ جي عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪندي رهي آهي، اڄ سجاول جي ساحيلي پٽي شاهبندر ۾ ميڊيڪل ڪيئمپ لڳائي، بخار ،کنگھ ، چمڙي ، ڊائريا ، معدي ۽ ٻين بيمارين ۾ ورتل 450 کان وڌيڪ مريضن جو مفت علاج ڪري کين مفت دوائون ڏنيون ويون. ان موقعي تي ميڊيڪل ڪيئمپ جي سيڪيورٽي جي انتظامن جي حوالي سان ڊي ايس پي جاتي ولي محمد چانگ ، ايس ايڇ او جونگو جلباڻي علي احمد جانوري، نيوي پوليس، سنڌ پوليس جي وڏي تعداد ۾ پوليس نفري پُڻ موجود هئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ساحل ويلفيئر ايسوسيئيشن
شاهد آفريدي فائونڊيشن
پاڪ نيوي طرفان
0 تبصرے