شڪارپور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 2 ارب 28 ڪروڙ 4 هزار 754 رپين جي بجيٽ منظور

بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ارب هڪ ڪروڙ 10 لک 91 هزار 185 رپيا مختص ڪيا ويا

شڪارپور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 2 ارب 28 ڪروڙ 4 هزار 754 رپين جي بجيٽ منظور

شڪارپور (احسان ابڙو ) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس 26-2025 جي 2 ارب 28 ڪروڙ 4 لک 4 هزار 7 سئو 54 روپيا بجيٽ پيش ترقياتي مد ۾ 1 ارب 1 ڪروڙ 10 لک91 ھزار 1 سئو 85 روپيا، ڪانٽيجينسي جي مد ۾ 37 ڪروڙ 34 لک روپيا، چئني تعلقن جي پريس ڪلبن لاءِ 30 لک روپيا رکيا ويا آھن تفصيل موجب اڄ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس جي صدارت چيئرمين ضلع ڪائونسل شڪارپور ذوالفقار علي خان ڪماريو ۽ وائيس چيئرمين ڪامران خان مهر ڪئي. ان موقعي تي اجلاس ۾ اڳئين اجلاس ڪارروائي يڪراء سان منظور ڪئي وئي. بجيٽ اجلاس جا تفصيل ٻڌائيندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اڪائونٽس آفيسر سيد قاسم شاھ ٻڌايو ته روان سال 2 ارب 28 ڪروڙ 4 لک 4 هزار 7سئو 54 روپيا بجيٽ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. جڏھن ته پگھارن جي مد ۾ 26 ڪروڙ 94 لک 90 ھزار 8 سئو 9 روپيا, پينشن جي مد ۾ 7 ڪروڙ 50 لک 82 ھزار 7سئو 60 روپيا اعزازي جي مد ۾ 8 لک 40 ھزار ڪاٽيجينسيز جي مد ۾ 37 ڪروڙ 34 لک روپيا ڊولپمينٽ آن گوئنگ اسڪيم جي مد ۾ 37 ڪروڙ 90 لک 91 ھزار 1 سئو 85 روپيا ۽ ڊولپمينٽ لاء 63 ڪروڙ 20 لک اوچتي برساتي آفتن لاء 15 ڪروڙ سوشل ويلفيئر جي مد ۾ 13 ڪروڙ انفارسين جي مد ۾ 20 ڪروڙ چارجڊ ايڪسپينڊيچر جي مد ۾ 48 ڪروڙ قرضن جي خرچ جي مد ۾ 67 ڪروڙ 5 لک ۽ ھن ٻڌايو ته بجيٽ جو وڏو حصو جنهن ۾ 67 ڪروڙ 24 لک 22 لک 4 سئو 85 روپيا او زيڊ ٽي شيئر مان ملڻ جي توقع آهي. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اڪائونٽس آفيسر سيد قاسم شاھ ٽوٽل بجيٽ جو خرچ ۽ آمدني ڪائونسل جي سڀني ميمبرن کي تفصيل سان پيش ڪري ٻڌائي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبرن بجيٽ پيش ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي سينيئر ميمبر سيد نادر شاھ ۽ نصر الله دل ڳالھائيندي چيو ته يوسي ليول تي جيڪي اسڪول گرلس جا آهن انهن ۾ واش رومن جا وڏا مسئلا آهن انهن کي بھتر ڪيو وڃي ۽ يونين ڪائونسلن ۾ جتي پاڻي خراب ٿي چڪو آھي اتي آر او پلانٽ لڳرايا وڃن. ان موقعي تي آصف پٺاڻ چيئرمين صحت ڪميٽي چيو ته جيڪي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جون ڊسپينسريون آهن اتي ڊاڪٽرن جي غيرموجودگي آهي. باقي ڪجھ ڊسپينسريون ھلن ٿيون اتي انهن کي ڪجھ دوائن جي سھولت مھيا ڪري ڏني وڃي ته اتي جي رھندڙ ماڻهو انهن ڊسپينسرين مان فائدو حاصل ڪري سگھن. تقريبن سڀني ميمبرن جي اھا ئي ڳالھ ھئي ته جيڪي به اسڪيمون رولڙي جو شڪار آهن انهن کي پھريون مڪمل ڪيو وڃي ان کا بعد تعلقي وار اسڪيمون ھلايو جيئن اھي مڪمل ٿين ته ٻيون اسڪيمون بعد ۾ ڏنيون وڃن. اجلاس ۾ سينيئر ميمبر امجد خان لھر شھر ۾ امن امان جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو ته ڪالھ شڪارپور جي رستم روڊ ۽ ڦاٽڪ وٽ فائرنگ اتري ته فائرنگ ھئي جو اتان ھر شھري ڊڪندو وڃي گھر پھتو پر پوليس اتي اچڻ تيار نه ھئي. ھن چيو ته شھر جي ھر مسئلي تي آواز اٿاريندڙ ـ ڪلام نگار ـ سٺو ليکڪ ھمير چانڊيو ھن وقت گڙدن جي وڏي خطرناڪ بيماري جي ور چڙھيل آھي سو خدارا ان سان سموري ڪائونسل طرفان مدد ڪئي وڃي ته جيئن ان جي بيماري تي تقريبن 22 کان 28 لک روپيا خرچ آهي سو ڪائونسل طرفان سڀني ميمبرن کان منظوري ورتي وڃي ته بھتر ٿيندو. ڪائونسل جي ميمبر رفيق احمد جعفري چيو ته ھن بجيٽ ۾ صرف انگ اکر ڏيکاريا ويا. پر اسان کي ڪائونسل طرفان سلائي مشينون ـ نلڪا ۽ سولر ڏنا وڃن ته جيئن غريبن ۾ ڪجھ سامان وغيره ڏئي سگھون. ھن چيو ته جيڪي به اسان جون اسڪيمون آهن اھي سڀ رولڙي جو شڪار آهن. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو چيو ته آن گوئنگ اسڪيمون اھي آھن جيڪي اڃان اڌ ۾ رھيل آهن جنهن جا اسان اڃان ٺيڪيدارن کي اوترا پئسا ڏنا ئي ناھن ۽ اسان ھاڻي پھريون اھي سڀ اسڪيمون پوريون ڪنداسين ۽ انهن کان بعد ٻيون اسڪيمون کڻنداسين. ضلع ڪائونسل چيئرمين چيو ته ھن بجيٽ ۾ جيڪو اسان جو ڪم رھجي ٿو ان کي مڪمل طور تي پورو ڪنداسين. ضلع ڪائونسل چيئرمين چيو ته ھر اجلاس ۾ ڪو به آفيسر نٿو اچي ۽ ھر انهن آفيسرن لاء مٿي ليٽر جاري ڪندا آھيون. اجلاس جي آخر ۾ بجيٽ يڪراء سان منظور ڪئي وئي ۽ ايندڙ اجلاس غير مدت تائين ملتوي ڪيو وڃي ٿو.