سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري جو چاليهو ٿي گذريو

سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري جو چاليهو ٿي گذريو

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري جو چاليهو پپري ۾ ٿيو جنهن م پپري سميت ملير جي مختلف علائقن مان ڪارڪنن وڏي تعداد م شرڪت ڪئي ان موقعي تي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار,سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر خالق گندرو، عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر پرھ سومرو چيو ته زبير نوناري پنهنجي زندگي جي آخري گهڙي تائين پورهيت عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري، زبير نوناري هڪ انمول ڪردار هو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جمهوريت جون دعوائون ڪندڙ حڪمرانن جي پت وائکي ٿي چڪي آهي. غير جمهوري عمل تي وزيراعظم، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر خوش ٿين ٿا. آمريڪي سامراج جنهن جا هٿ لکين ماڻهن جي خون سان رنڱيل آهن ان جي صدر کي هيرو ڪريو پيش ڪيو پيو وڃي ان موقعي تي خالد ڪنيو، عزيز لانگاھ،سنڌي مزدور تحريڪ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ ايوب انڙ،نور محمد، فاروق نوناري، لال محمد پنھور، جبار پليجو ، اقبال جروار، ايس ايم ٽي ضلعي ملير جي صدر محمد علي ساھڙ ،سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مير نوروز ڪلمتي هنن چيو ته حڪمران ملڪ جي زراعت کي تباهه ۽ برباد ڪري پوءِ شيون ٻاهران گهرائين ٿا. پاڪستان کنڊ پيداوار جي سرفهرست ملڪن ۾ رهيو آھي پر ملڪ تي شگر مل مافيا جي قبضي سبب کنڊ ٻاهران امپورٽ ڪئي پئي وڃي. ڪمند جو اگهه گهٽائي هارين ۽ آبادگارن جون بقايائون شگر مل مافيا هڙپ ڪري کنڊ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي آهي. ملڪ مان کنڊ، ڀاڻ، ڪڻڪ سميت زرعي جنسون اسمگل ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي. اسمگلنگ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي قديمي سنڌي وسندين کي ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي، سنڌي ڳوٺن کي پاڻي، بجلي ۽ گئس جهڙين بنيادي ضرورتن کان محروم ڪيو ويو آهي، فلسطينين جيان سنڌين کي به پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪيو پيو وڃي،