سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ دانشور مشتاق احمد ڪاملاڻي لاڏاڻو ڪري ويو
مشتاق احمد ڪاملاڻي جي لاڏاڻي سان سنڌي ادب هڪ باصلاحيت قلمڪار کان محروم ٿي ويو
سجاول (رپورٽر) سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ دانشور مشتاق احمد ڪاملاڻي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي سان سنڌي ادب هڪ باصلاحيت قلمڪار کان محروم ٿي ويو. ڪيترين ئي ٻولين تي عبور رکندڙ ۽ ريڊيو پاڪستان توڙي ڀارت جي آڪاشواڻي تان پنهنجيون ڪهاڻيون نشر ڪرائيندڙ مشتاق ڪاملاڻي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ انتهائي ڪسمپرسيءَ جو شڪار رهيو ۽ پيٽ گذر لاءِ ماڻهن کان خيرات گهرڻ تي مجبور ٿي ويو هو. سندس لااڏاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سيد مراد علي شاھ ۽ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ سميت سجاول ۽ سنڌ جي ادبي حلقن پاران گھيري ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي. سجاول جي زرخيز ادبي سرزمين مان اڀريل ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ دانشور مشتاق ڪاملاڻي سنڌ يونيورسٽي مان 1979ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. ھن جو شمار سند يونيورسٽي جي ذھين شاگردن مان ھوندو ھو. مشتاق ڪاملاڻيءَ کي سنڌي سان گڏ اردو، پنجابي، انگريزي ۽ فارسي تي بہ عبور هو، جنهن سندس سوچ کي وسعت بخشي. سندس افسانو ”گونگي برسات“ خاص طور تي مشهور آهي، ۽ سندس ناول ”رولو“ بابت چيو وڃي ٿو تہ اهو هن پنهنجي گريجوئيشن جي امتحانن جي تياريءَ دوران ئي مڪمل ڪيو. "ھوء" ، "ٽڻڪيل گل "، " ٿڌو گھڙو" ، "ڄميل رت " سندس مشھور لکڻيون آھن، سندس لکڻيون حيدرآباد ريڊيو ۽ آڪاش واڻي انڊيا تان پڻ نشر ٿينديون رهنديون ھيون. علم ۽ ادب جي دنيا ۾ شھرت جي آسمان کي ڇھڻ بعد مشتاق ڪاملائي جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏکوئيندڙ موڙ ان وقت آيو جڏھن جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ روڊ رستن تي سڪتو طاري ھو، مارشلا عروج تي ھئي تہ ان دوران مشتاق ڪاملاڻي "گھٹی ہوئی فضا" جی عنوان سان ھڪ ڪتاب لکيو جيڪو اڃا پريس ۾ ڇپائي تي ئي مس پھتو تہ رياستي ادارا سندس اھو ڪتاب تہ پريس مان ڇپائي کان پھريان ئي کڻي ويا پر کيس بہ کنڀي گم ڪري ڇڏيو، ايئن اڍائي مھينن کان پوء ٺٽي جي ھڪ روڊ تان کيس نيم بيهوشي جي حالت ۾ ھٿ ڪيو ويو، سخت تشدد سبب ھو ھميشہ لاء ذھني مريض بڻجي ويو. پوء ڏينھن بہ ڏينھن سندس حالت بگڙجندي رھي ۽ سندس ذھني توازن بہ نارمل نہ رھيو جو آخرڪار ھيترو ذھين انسان مشتاق ڪاملاڻي آهستي آهستي ادبي دنيا کان پري ٿي ويو ۽ گمناميءَ جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو ۽ هڪ پڙهيل لکيل ۽ ڪيترين ٻولين جو ڄاڻو اديب پنهنجي حالت سبب بي سهارو بڻجي ويو. هو سجاول ۽ ٺٽي جي گهٽين، بازارون ۽ بس اسٽاپن تي ماڻهن کان خيرات گهرندو هو، ايتري قدر جو انگريزي ٻوليءَ ۾ بہ خيرات گهرڻ سبب سندس حالت ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا. ھو ڪو پيشہ ور عام فقير نہ پر زماني جي حوادثات جو شڪار ٿي محتاجي ۽ ڪسمپرسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي ويو ۽ مرڻ گھڙي تائين ھو پنھنجي اصليت تي نہ پھچي سگھيو. 2018ع ڌاري سندس ابتر ذهني ۽ جسماني حالت جون خبرون سامهون آيون تہ هڪ اهڙو شخص، جنهن لفظن سان دنيا کي ڪهاڻيون ٻڌايون هيون، سو زندگيءَ جي سختين آڏو بيوس ۽ ماڻهن جي مدد جو محتاج نظر آيو، سندس چھري تي متضاد جذبات نظر اچن ٿا، ھڪ ئي وقت چپن تي مرڪ تہ اکين ۾ ڳوڙھن جو عجيب امتزاج سندس زبان قال ھوندي بہ زبان حال کي بيان ڪري رھيا آھن. اھي خبرون عام ٿيڻ کان پوءِ ان وقت جي سابق گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان گڏ سنڌ حڪومت ۽ ان وقت جي صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاھ سندس علاج جو اعلان ڪيو، صوبائي حڪومت سندس ختم ٿيل ماستري جي سرڪاري نوڪري بحال ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو پر عمل نہ ٿي سگھيو. تازو سندس طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس سيني ۾ سور ۽ شگر جي تڪليف سبب مڪلي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي وارثن پاران بهتر علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي وئي هئي. مشتاق ڪاملاڻي ان نسل جو نمائندو هو، جنهن وٽ خواب هئا، لفظ هئا ۽ سماج کي سمجهڻ جي اڃ هئي. پر وقت کيس ئي هڪ دردناڪ ڪهاڻي بڻائي ڇڏيو. جنهن ماڻهوءَ ٻين لاءِ ڪهاڻيون لکيون، آخرڪار سندس پنهنجي زندگي ئي هڪ ڪهاڻي بڻجي وئي. مشتاق ڪاملائي جو لاڏاڻو رڳو هڪ اديب جو وڇوڙو نہ، پر سنڌي ادب جي هڪ اهڙي ڪردار جي پڄاڻي آهي، جنهن علم، ادب ۽ تخليق جي ميدان ۾ سڃاڻپ حاصل ڪرڻ باوجود زندگيءَ جا آخري ڏينهن غربت، بيماري ۽ بي وسيءَ ۾ گذاريا. سندس زندگيءَ جو دردناڪ انجام سماج ۽ ادبي ادارن جي ڪردار بابت ڪيترائي سوال ڇڏي ويو آهي. گذريل ڏينھن سندس لاڏاڻي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، صوبائي وزیر ثقافت، سیاحت، نوادرات، سید ذوالفقار علی شاھ سميت سجاول ۽ سنڌ جي ادبي حلقن پاران گھيري ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي. سندس جنازي نماز مدرسہ الھاشميہ سجاول ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙھ کي اباڻي مصري شاھ قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. جنازي ۾ پ پ پ سجاول جي سرگرم اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ، شاعرن، اديبن، استادن ۽ صحافين سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.