منگل، 17 نومبر 2026
بریکنگ

سجاول: شاھبندر ڀرسان ڀٽي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران 5 ڄڻا رتورت

سنڌي خبرون 17th Nov 2026 2 مناظر
سجاول: شاھبندر ڀرسان ڀٽي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران 5 ڄڻا رتورت
سجاول (رپورٽر) شاھبندر ڀرسان ڀٽي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين پاران لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو، جنهن سبب سڪندر، عالم شير ڀٽي، دائود، زينل ۽ جمال الدين ڀٽي زخمي ٿي پيا. سمورن زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ ڦهلجي وئي آهي، جڏهن تہ اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ