جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

جهمپير ويجهو جاکرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 7 زخمي

سنڌي خبرون 24th Sep 2025 243 مناظر
جهمپير ويجهو جاکرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 7 زخمي

جهيڙي دوران فائرنگ ۾ محمد خان پٽ سائين ڏنو جاکرو مارجي ويو

ٺٽو(شفيق ڀٽي)جهمپير لڳ ڪوهستاني ڳوٺ بچل جاکرو ۾ جاکرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل.، 7 زخمي، جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ محمد خان ولد سائين ڏنو جاکرو مارجي ويو ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاء جهرڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ علي حسن جاکرو خير محمد جاکرو معشوق جاکرو ۽ غمشاد جاکرو سميت 7 ڄڻا شامل جن کي جهرڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڊي ايس پي جهرڪ واجد ٿهيم ۽ ايس ايڇ او جهمپير اسلم گُگو واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ زخمين ۽ فوتي جو لاش پوليس تحويل ۾ اسپتال منتقل ڪيو مارجي ويل محمد خان جاکرو جو جهرڪ اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي پوليس موجب واقعو ٻنهي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء پوليس مقرر ڪئي وئي آھي..
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ