پیر، 19 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪنڌرا ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل اهلڪار جي پوليس لائين سکر ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي

سنڌي خبرون 11th May 2026 409 مناظر
ڪنڌرا ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل اهلڪار جي پوليس لائين سکر ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي

امن امان جي بحالي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ پوليس جي جوان پنهجي جان قربان ڪئي: ايس ايس پي اظهر مغل

سکر(بيورو) ڪنڌرا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي جي جنازي نماز پوليس لائين سکر ۾ ادا ڪئي وئي. پوليس جي دستي شهيد سپاهي گلڻ تنيو کي سلامي پيش ڪئي. جنازي نماز ۾ ايس ايس پي سکر اظهر مغل، پوليس جي آفيسرن، جوانن ۽ شهيد اهلڪار جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گذريل رات ڪنڌرا ويجھو سيھڙ جي باغ وٽ مبينا پوليس مقابلي دوران ڏوهارين جي فائرنگ ۾ سپاهي گلڻ تنيو شهيد ۽ اي ايس آئي بخت تنيو زخمي ٿي ويو هو. ايس ايس پي سکر اظهر مغل جو چوڻ هو ته امن امان جي بحالي ۽ شهري جي جان ۽ مالي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ پوليس جي جوان پنهجي جان قربان ڪئي آهي. شهيد گلڻ تنيو کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جاچ ڪري رهي آهي. جلد ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ