بدھ، 18 نومبر 2026
بریکنگ

عوامي پريس ڪلب ملير جو جنرل باڊي اجلاس, 4ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور ۽ جوش سان ملهائڻ جو عزم

سنڌي خبرون 18th Nov 2026 2 مناظر
عوامي پريس ڪلب ملير جو جنرل باڊي اجلاس, 4ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور ۽ جوش سان ملهائڻ جو عزم

31ڊسمبر تي حمزي پنھور جي ياد ۾ ”سرمئي شام“ ملھائڻ جو فيصلو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير جو جنرل باڊي اجلاس صدر سيد سجاد علي شاهه جي صدارت هيٺ پريس ڪلب جي صحافي بابا اڪبر بلوچ ميموريل هال ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري غلام علي گوندر، نائب صدر شهنشاهه چارڻ، خزانچي اصغر ميمڻ، آفيس سيڪريٽري ايم زمان جوکيو، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن سامي ميمڻ، جمشيد زھراڻي، عنايت شاهه، جامي ميمڻ، فاروق ڀنگوار, سليمان شاهه، مشتاق گبول رشيد مورجھريو اقبال ڪلمتي ۽ اظهار زمان شرڪت ڪئي اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته هر سال جيان هن سال به عوامي پريس ڪلب ملير پاران سنڌ جي ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ قومي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب 4 ڊسمبر جمعي جي ڏينهن شام 3 وڳي پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ صحافين، اديبن، شاعرن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي اجلاس ۾ ٻيو اهم فيصلو ڪندي 31 ڊسمبر تي ملير جي کاهوڙي صحافي ۽ قومي ڪارڪن حمزي پنھور جي ياد ۾ ”سرمئي شام“ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. اها تقريب چوڪنڊي قبرستان ۾ حمزي پنھور جي آخري آرامگاهه تي منعقد ڪئي ويندي، جتي سندس قومي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي ان موقعي تي صدر سيد سجاد علي شاهه چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير هر سال جيان هن سال به ثقافتي ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ قومي سڃاڻپ کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين نسل تائين پهچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت امن، محبت، ڀائيچاري ۽ رواداري جو پيغام ڏئي ٿي، جنهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهڙيون تقريبون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون هن وڌيڪ چيو ته حمزي پنھور ملير جي انهن شخصيتن مان هو، جن پنهنجي صحافتي ۽ قومي خدمتن وسيلي سڃاڻپ قائم ڪئي، سندس ياد ۾ سرمئي شام منعقد ڪرڻ جو مقصد سندس جدوجهد ۽ خدمتن کي ياد ڪرڻ سان گڏ نئين نسل کي اهڙين شخصيتن جي ڪردار کان روشناس ڪرائڻ آهي اجلاس ۾ ٻنهي تقريبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ ۽ صحافين، اديبن، شاعرن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن کي شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ