منگل، 17 نومبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ پيشوراڻي گداگري ۽ ٻارن کي پنائڻ خلاف آگاهي ريلي

سنڌي خبرون 17th Nov 2026 4 مناظر
عمرڪوٽ ۾ پيشوراڻي گداگري ۽ ٻارن کي پنائڻ خلاف آگاهي ريلي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پيشوراڻي گداگري ۽ ٻارن جي استحصال خلاف شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ سوشل ويلفيئر کاتي عمرڪوٽ پاران آگاهي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر اعجاز احمد جتوئي ڪئي، ريلي ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان شروع ٿي پريس ڪلب عمرڪوٽ پهتي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اعجاز احمد جتوئي چيو ته ٻارن کان پنڻ گهرائڻ هڪ سنگين سماجي مسئلو آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ معاشري جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، شهرين کي گهرجي ته اهڙن عنصرن جي حوصلا شڪني ڪن، جيڪي ٻارن کي پنڻ ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ استعمال ڪن ٿا، هن چيو ته ٻارن جو مستقبل پنڻ بدران تعليم ۽ بهتر موقعن سان وابسته هجڻ گهرجي، ٻارن جي حقن جو تحفظ ۽ پيشوراڻي گداگري جو خاتمو اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، هن لاڳاپيل ادارن تي زور ڀريو ته عوام ۾ مؤثر آگاهي مهم هلائي وڃي، جيئن ٻارن جي استحصال جي روڪٿام ۽ سندن حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ