ملير: عبدالله ڳوٺ مان هڪ ئي خاندان جي پنجن ڄڻن جي مبينا گرفتاري خلاف احتجاج
امروٽي ڪالوني کان ريلي، رزاق آباد قومي شاهراهه تي ڌرڻو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حدن ۾ واقع عبدالله ڳوٺ مان هڪ ئي خاندان جي چئن ڀائرن سميت پنجن ڄڻن کي مبينا طور گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪرڻ واري واقعي خلاف متاثر خاندان جي وارثن ۽ علائقي واسين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. امروٽي ڪالوني کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين ڪڍيل احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پنهنجن پيارن جي فوري بازيابي ۽ کين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪندي رزاق آباد قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته اعليٰ پوليس اختيارين واقعي جو فوري نوٽيس وٺي مبينا طور کنڀي گم ڪيل پنجن ڄڻن کي ظاهر ڪن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌائڻ جو چتاءُ ڏنو ويو.ان موقعي تي متاثر خاندان جي وارثن حبيب الله مغيري، عابد علي مغيري، خادم حسين مغيري ۽ محمد عالم سولنگي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات ٻن کان ٽن وڳي جي وچ ۾ عبدالله ڳوٺ ۾ سندن گهر تي اوچتو ڪارروائي ڪئي وئي، جتان منظور احمد، خالد، ممتاز ۽ جاويد ولد صالح محمد مغيري سميت شمن ولد ستار مغيري کي مبينا طور حراست ۾ وٺي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو.هنن الزام لڳايو ته رات جي وقت سادا ڪپڙا پهريل ڪجهه ماڻهو سندن گهر ۾ داخل ٿيا ۽ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪندي گهر ۾ ستل چئن ڀائرن سميت هڪ مهمان کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويا. وارثن موجب، معلومات ڪرڻ تي انهن ماڻهن پنهنجو تعلق سي آءِ اي پوليس سان ظاهر ڪيو، پر گرفتاري کان پوءِ اڃا تائين کين پنجن ئي ڄڻن جي موجودگي، گرفتاري جي سبب يا ڪنهن ڪيس بابت ڪا واضح معلومات فراهم نه ڪئي وئي آهي.متاثر خاندان جي وارثن جو چوڻ هو ته سندن خاندان گذريل ويهن سالن کان عبدالله ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي ۽ محنت مزدوري ڪري عزت سان پنهنجو گذر سفر ڪري ٿو. گرفتار ٿيلن مان ٽي ڄڻا نجي ڪمپنين ۾ ملازمت ڪن ٿا، جڏهن ته هڪ ڄڻو رڪشا هلائي پنهنجي خاندان جو پيٽ گذاري ٿو. هنن دعويٰ ڪئي ته سندن خاندان جو ڪنهن به غيرقانوني يا ڏوهاري سرگرمي سان ڪو به تعلق ناهي ۽ بنا ڪنهن سبب جي هڪ ئي گهر مان پنجن ڄڻن کي کڻي وڃڻ سبب سڄو خاندان سخت پريشاني ۽ ذهني اذيت ۾ مبتلا آهي.هنن خدشو ظاهر ڪيو ته گرفتار ڪيل ماڻهن کي ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري پوليس اختيارين کي گهرجي ته گرفتاري بابت قانوني موقف واضح ڪن ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جو الزام يا ڪيس موجود آهي ته گرفتار ٿيلن کي قانوني گهرجون پوريون ڪندي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيئن کين پنهنجي صفائي جو موقعو ملي سگهي احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ملير، ايس ايس پي سي آءِ اي، ايس ايس پي اي وي ايل سي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري ۽ غيرجانبداراڻو نوٽيس وٺي پنجن ئي ڄڻن کي ظاهر ڪيو وڃي، سندن وارثن کي ملاقات ۽ معلومات فراهم ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن مٿن ڪو الزام آهي ته کين بنا دير قانون موجب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.مظاهرين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن پنجن ئي ڄڻن کي فوري طور بازياب نه ڪيو ويو يا قانوني طريقيڪار تحت عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ته متاثر خاندان انصاف لاءِ عدالت سان رجوع ڪري قانوني درخواست داخل ڪندو، جڏهن ته پنهنجن پيارن جي بازيابي لاءِ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو. هنن واضح ڪيو ته هو پنهنجي خاندان جي ماڻهن بابت حقيقتون سامهون اچڻ ۽ قانوني انصاف ملڻ تائين پرامن جدوجهد جاري رکندا.