منگل، 17 نومبر 2026
بریکنگ

عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۽ پيغام جي گڏيل وفد پاران پاڪستان بيت المال آفيس مڪلي جو دورو

سنڌي خبرون 17th Nov 2026 3 مناظر
عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۽ پيغام جي گڏيل وفد پاران پاڪستان بيت المال آفيس مڪلي جو دورو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۽ سماجي تنظيم پيغام جي گڏيل وفد جنھن ۾ بلاول سمون، محمد عمر سرائي، محمد اسماعيل سمون، مڪيش ديو ۽ ممتاز علي سميجو شامل هئا. پاڪستان بيت المال آفيس مڪلي جو دورو ڪري اداري جي اسسٽنٽ آفيسر راشد پليجو سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ضلعي ۾ اداري پاران هلندڙ فلاحي منصوبن، تعليمي سهولتن، فني سکيا ۽ مستحق ماڻهن جي مالي توڙي طبي سهائتا بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪئي وئي.ان موقعي تي اسسٽنٽ آفيسر راشد پليجو وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان بيت المال پاران هن وقت ٺٽي ۾ ٻه اهم فني سکيا جا منصوبا هلي رهيا آهن، جن ۾ ڇهن مهينن جو ڪمپيوٽر ڪورس شامل آهي، جنهن ۾ 40 ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، جڏهن ته سلائي سينٽر ۾ پڻ 60 ڇوڪريون هنر جي سکيا حاصل ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه ٺٽي شهر جي آمري اسٽاپ واري علائقي ۾ هڪ اسڪول پڻ هلندڙ آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته فني سکيا مڪمل ڪندڙ شاگردياڻين کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ سان گڏ مخصوص حالتن ۾ کين روزگار ذريعي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ سلائي مشينون پڻ فراهم ڪيون وينديون آهن، ته جيئن هو سکيل هنر کي استعمال ڪري باعزت طريقي سان پنهنجو روزگار حاصل ڪري سگهن.راشد پليجو ٻڌايو ته پاڪستان بيت المال پاران معذور ماڻهن جي سهائتا لاءِ اسپيشل ڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي سالياني مالي امداد پڻ فراهم ڪئي ويندي آهي، ان سلسلي ۾ اهل ۽ مستحق ماڻهو اداري سان رابطو ڪري سگهن ٿا. اهڙي طرح دل جي بيمارين، ڪينسر سميت ٻين وڏين بيمارين ۾ مبتلا مستحق مريضن جي علاج ۽ طبي سهائتا لاءِ پڻ اداري پاران مدد ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته يونيورسٽي سطح تي تعليم حاصل ڪندڙ مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ جي مد ۾ پڻ سهائتا فراهم ڪئي ويندي آهي.ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۽ سماجي تنظيم پيغام جي وفد پاڪستان بيت المال پاران تعليم، فني سکيا، معذور ماڻهن جي بحالي ۽ مستحق مريضن جي علاج لاءِ جاري فلاحي سرگرمين کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ادارو مستقبل ۾ پڻ عوامي ڀلائي جي انهن منصوبن کي وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتي انداز ۾ جاري رکندي پنهنجيون صلاحيتون ڪتب آڻيندو، جيئن ضلعي جي وڌيڪ مستحق ماڻهن کي انهن سهولتن مان فائدو حاصل ٿي سگهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ