منگل، 17 نومبر 2026
بریکنگ

ابراهيم حيدري ۾ فائرنگ، 22 ورهين جو نوجوان اطهر ميمڻ قتل،

سنڌي خبرون 17th Nov 2026 3 مناظر
ابراهيم حيدري ۾ فائرنگ، 22 ورهين جو نوجوان اطهر ميمڻ قتل،

پسند جي شادي تان خانداني تڪرار قتل جو ڪارڻ قرار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري جي علائقي ريڙهي روڊ جمعي پلِيَـا وٽ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چڪرا ڳوٺ جو رهواسي 22 ورهين جو نوجوان اطهر علي ولد گلزار علي ميمڻ قتل ٿي ويو. مقتول جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو وارثن موجب اطهر ميمڻ کي رات تقريباً 11 وڳي سندس سالو راجو بنگالي پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو، جيڪو هڪ سيلون تي ڪم ڪندو آهي. بعد ۾ اطلاع مليو ته اطهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي مقتول جي چاچي گل شير ميمڻ ۽ وڏي ڀاءُ اظهر ميمڻ موجب اطهر تقريباً ٻه سال اڳ هڪ بنگالي ڇوڪريءَ سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ سندس سهري وارن مائٽن سان لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويا هئا ۽ ٻنهي ڌرين وچ ۾ اختلاف هلندڙ هئا واقعي کانپوءِ مقتول جا وارث ٿاڻي پهچي ويا، جتي سندن بيان قلمبند ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي. واضح رهي ته مقتول عوامي پريس ڪلب ملير جي خزانچي ۽ صحافي اصغر ميمڻ جي سؤٽ جو پٽ هو وارثن پاران پسند جي شادي کانپوءِ پيدا ٿيل خانداني تڪرار کي قتل جو امڪاني سبب قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته واقعي جا اصل ڪارڻ ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ پوليس جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي سامهون اچي سگهندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ