عوامي پريس ڪلب ٺٽي ۾ مسڪان ملاح جي آجيان
مسڪان ملاح سان معلوماتي ڪچهري منعقد ڪئي وئي
ٺٽو(شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ نوجوان اڳواڻ مسڪان ملاح جي آجيان، سندس حوصلا افزائي ڪئي وئي, عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پروگرام ”ڪچهري ود مڪيش“ جي سلسلي ۾ ٺٽي جي باصلاحيت ۽ باهمت نياڻي مسڪان ملاح سان هڪ خوبصورت ۽ معلوماتي ڪچهري منعقد ڪئي وئي.ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران مسڪان ملاح جي آجيان ڪئي وئي ۽ سندس صلاحيتن، جدوجهد ۽ سماجي ڪردار کي ساراهيندي حوصلا افزائي ڪئي وئي.ڪچهري دوران مسڪان ملاح سنڌ چائلڊرن پارليامينٽ ۾ اڳوڻي اسپيڪر طور پنهنجي ڪردار، نيشنل ينگ پارليامينٽ سنڌ ۾ يوٿ ايم پي اي (PS-76 ٺٽو) طور ذميوارين، نوجوانن جي نمائندگي، تعليم، سماجي شعور ۽ مستقبل جي خوابن بابت خيالن جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي اهو پيغام پڻ ڏنو ويو ته عوامي پريس ڪلب ٺٽو هميشه نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، سندن حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ کين مثبت سرگرمين لاءِ اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.