ٺٽي ۾ جي يو آءِ جي مجلس عاملا جو ھنگامي اجلاس
سنڌ جو ورھاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: اڳواڻ
ٺٽو(ڊ ر) جمعيت علماءِ اسلام ضلعي ٺٽي جي مجلسِ عامله جو هڪ هنگامي ۽ اهم اجلاس اڄ صبح 11:00 وڳي ضلعي امير مولانا عبدالوهـاب بلوچ جي صدارت هيٺ جامعہ دارالفيض بنوريہ ٺٽو ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد سليم عاطف، مولانا احمد سومرو سميت مجلسِ عامله جي سمورن ميمبرن، سمورن تعلقن جي اميرن ۽ ناظمنِ عمومي، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر، نوجوان فورم جي صدر ۽ جي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري عبدالوهـاب ميمڻ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ملڪ ۽ صوبي جي موجوده سياسي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ مستقبل جي حڪمت عمليءَ تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي صوبائي امير حضرت مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ مرڪزي اڳواڻ علامه راشد خالد محمود سومري پاران ڏنل صوبي گير احتجاجي سڏ جي ڀرپور حمايت ڪندي اعلان ڪيو ويو ته صوبي جي ٻين ضلعي هيڊڪوارٽرن وانگر ٺٽي ۾ پڻ 22 نومبر، آچر ڏينهن، نمازِ ظهر کانپوءِ بخاري مسجد کان پريس ڪلب ٺٽو تائين هڪ ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.اجلاس کي خطاب ڪندي مقررين واضح ڪيو ته سنڌ جي ڪنهن به امڪاني ورهاست جي سازش ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي ۽ ان خلاف هر محاذ تي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.ضلعي قيادت قائدِ جمعيت مولانا فضل الرحمان کي پيش ايندڙ تازن چئلينجن ۽ سندس خلاف جاري منظم مهم تي سخت ڪاوڙ ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ ملڪ جي آئيني، جمهوري ۽ عوامي مسئلن تي جيڪڏهن ڪا قيادت جرئت ۽ ثابت قدميءَ سان پنهنجو موقف پيش ڪري رهي آهي ته اها مولانا فضل الرحمان جي قيادت آهي.مقررين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته حق ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ قائدِ جمعيت کي هراسان ڪرڻ لاءِ انتهائي ڪريل ۽ اوڇا هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن. سندس ذاتي رهائشگاهه جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري چادر ۽ چوديواريءَ جي تقدس کي سرعام پائمال ڪيو پيو وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.اجلاس جي پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جماعت جي قائدين جون بلاجواز گرفتاريون، ڪوڙا ۽ من گهڙت الزام ۽ هڪ منظم ايجنڊا تحت ميڊيا ٽرائل ذريعي جي يو آءِ جو آواز دٻائي نٿو سگهجي. اهڙيون بي بنياد ڳالهيون، جن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، رڳو ڪردارڪشيءَ جي ناڪام ڪوششون آهن، جن جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ضلعي قيادت سمورن ڪارڪنن، سول سوسائٽي، بيوروڪريسي، واپاري برادري، مزدورن ۽ باشعور عوام کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي تحفظ ۽ قائدِ جمعيت سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 22 نومبر تي ٿيندڙ احتجاجي مظاهري ۾ ڀرپور شرڪت ڪن