اتوار، 15 نومبر 2026
بریکنگ

پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد ڪراچي ڊويزن جو تنظيمي اجلاس

سنڌي خبرون 15th Nov 2026 7 مناظر
پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد ڪراچي ڊويزن جو تنظيمي اجلاس

عثمان خاصخيلي ڳوٺ ۾ اجلاس ٿيو، وڏي تعداد ۾ برادري جي ماڻهن جي شرڪت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي چيئرمين راجا غلام مرتضيٰ خاصخيلي جي صدارت هيٺ ڪراچي ڊويزن جو تنظيمي اجلاس ملير جي عثمان خاصخيلي ڳوٺ ۾ ٿي گذريو جنھن بعد وڏو عوامي جلسي عام ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ جي صدر روشن خاصخيلي، محمد صديق خاصخيلي، رفيق خاصخيلي، سجاد ڪي ڪي خاصخيلي سميت ڪراچي ڊويزن ۽ مختلف علائقن مان خاصخيلي برادري ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جلسي کي خطاب ڪندي پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي چيئرمين سردار راجا غلام مرتضيٰ خاصخيلي چيو ته پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد قائم ڪرڻ جو بنيادي مقصد سنڌ جي مظلوم ۽ نظرانداز ٿيل قبيلن ۾ اتحاد، اتفاق ۽ ڀائيچارو پيدا ڪرڻ آهي، جيئن برادرين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل جدوجهد ڪري سگهجي. هن چيو ته اتحاد جو مقصد ڪنهن سان مقابلو ڪرڻ يا ڪنهن جي مخالفت ڪرڻ نه، پر برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري سندن سماجي، تعليمي ۽ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ آهي هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو برادرين جي نالي تي پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ دڪان کوليو ويٺا آهن، جن جي ڪوشش رهي ته پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد ڪراچي ۾ پنهنجون تنظيمي سرگرميون شروع نه ڪري ۽ برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ کان روڪيو وڃي پر اڄ عثمان خاصخيلي ڳوٺ ۾ ٿيل وڏي اجتماع مان مخالفن کي به اندازو ٿي ويو هوندو ته خاصخيلي برادري اتحاد ۽ تنظيم جي پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جو پڪو ارادو رکي ٿي سردار راجا غلام مرتضيٰ خاصخيلي چيو ته اسان جو پيغام نفرت، ذاتي اختلافن ۽ گروهه بندي بدران محبت، ڀائيچاري، عزت ۽ راڄوڻي روايتن کي هٿي ڏيڻ آهي. خاصخيلي برادري جي هر فرد کي گهرجي ته ذاتي ۽ گروهي مفادن کان مٿانهون ٿي اجتماعي مفادن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري هن چيو ته تنظيم کي رڳو جلسن ۽ اجلاسن تائين محدود نه رکيو ويندو، پر برادري جي غريب، مسڪين ۽ ضرورتمند ماڻهن جي مدد، نوجوانن جي تعليم ۽ روزگار جي مسئلن سميت سماجي ڀلائي وارن ڪمن تي به ڌيان ڏنو ويندو هن چيو ته ڪراچي ۾ خاصخيلي برادري وڏي تعداد ۾ آباد آهي، تنهنڪري ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي تنظيمي ڍانچي کي فعال بڻائي هر علائقي ۾ رابطا ڪاميٽيون قائم ڪيون وينديون، جيئن برادري جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌي انهن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهجي ان موقعي تي سنڌ جي صدر روشن خاصخيلي صديق خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻائڻ لاءِ سمورن ساڃاهه وندن، نوجوانن ۽ برادري جي معززن کي اڳتي اچڻو پوندو. هنن چيو ته اتحاد، اتفاق ۽ گڏيل جدوجهد ئي ڪنهن به برادري جي ترقي ۽ خوشحالي جو بنياد آهن اجلاس ۾ تنظيم جي مستقبل جي حڪمت عملي، ڪراچي ڊويزن ۾ تنظيمي سرگرمين کي وڌائڻ، برادري جي ماڻهن سان رابطن کي مضبوط ڪرڻ ۽ اتحاد جي پيغام کي هر علائقي تائين پهچائڻ بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آخر ۾ خاصخيلي برادري جي گڏيل اتحاد، ڀائيچاري ۽ تنظيم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ورجايو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ