اسان ھر صورت ۾ ڪراچي ۾ گڏ ٿينداسين, سنڌ جو ٻچو ٻچو 29 نومبر تي ڪراچي پهچندو: ڊاڪٽر قادر مگسي
حيدرآباد :ڪنهن به صورت ۾ ڌرتي ماءُ جو ورهاڱو قبول نھ ڪنداسين: ايس ٽي پي چيئرمين
حيدرآباد (بيورو) ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي چيو تھ هن سڀ کان پهرين ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ايم ڪيو ايم شرارت ڪري ساڳئي تاريخ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو اسان ھر صورت ۾ ڪراچي ۾ گڏ ٿينداسين, سنڌ جو ٻچو ٻچو 29 نومبر تي ڪراچي پهچندو ۽ مختلف ضلعن مان عوام ڪراچي پهچندو۔ ھن چيو ته محسن نقوي ڪير آھي ۽ ڪنھن ھن کي چونڊي اقتدار ۾ آندو۔ جيڪي ماڻھو چون ٿا ته سسٽم فيل آھي ۽ پوء اھي ئي ماڻھو چون ٿا ته صوبا ٺاھيو, ڇا سنڌ جا ماڻھو اھڙي فراڊ کي ائين برداشت ڪندا؟ سنڌ جو ورهاڱو ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، جڏهن ته اسان سنڌ جي بقا لاءِ وڙهي رهيا آهيون، پيپلزپارٽي کي خبر آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڦير ڦار ٿي ته سنڌ جا ماڻهو سندن سياست کي دفن ڪري ڇڏيندا۔ هن چيو ته اسان ڪنهن سان به نفرت نه ٿا ڪريون، سنڌ کي ماءُ سمجهندڙ پنجابي، پشتون ۽ ٻيا به ڌرتيءَ جا وارث آهن، ڪراچي سميت سنڌ جا اردو ڳالهائيندڙ به اسان جا آهن، هنن سان ته اسان جون مائٽيون به ٿيل آهن، هن چيو ته اڄڪلهه ملڪ ۾ نون صوبن بابت بحث ٿي رهيو آهي, اهو اشارو پارليامينٽ کان ناهي مليو، اسٽيبلشمينٽ پردي پويان سياستدانن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، هن چيو ته صوبن بابت ريفرنڊم نه ڪرڻ ڏينداسين ۽ نه ئي وري ان ريفرنڊم کي مڃينداسين، ڪنهن به صورت ۾ ڌرتي ماءُ جو ورهاڱو قبول نه ڪبو، هن چيو ته مصطفي ڪمال جي ميئر شپ واري دور ۾ ڪراچي ۾ فلاحي پارڪن ۽ پلاٽن تي پلازا ۽ شادي هال ٺهيا، اسان افغانين کي سنڌ ۾ ترسائڻ جي خلاف آهيون، افغانستان ۾ هاڻي امن ٿي ويو آهي، کين پنهنجي وطن اماڻيو وڃي۔ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر شاڪر نواز شر به خطاب ڪيو