منگل، 17 نومبر 2026
بریکنگ

سجاول بدين باءِ پاس تي حادثي ۾ نوجوان فوت، 4 ڄڻا زخمي

سنڌي خبرون 17th Nov 2026 2 مناظر
سجاول بدين باءِ پاس تي حادثي ۾ نوجوان فوت، 4 ڄڻا زخمي
سجاول (رپورٽر)سجاول بدين باءِ پاس تي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته چئن ڄڻن سميت زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن مطابق حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ علي شير پونجاڻي طور ٿي، جيڪو سجاول جي وارڊ نمبر هڪ، هوائي اڏي جو رهواسي هو. جڏهن ته حادثي ۾ اشرف پونجاڻي، وحيد بخش ٻارچ، ڪريم ٻارچ ۽ احسان علي ٻارچ زخمي ٿي پيا. زخمين کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال سجاول منتقل ڪيو ويو، جتي 16 ورهين جي اشرف پونجاڻي ۽ وحيد بخش ٻارچ جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ