نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ قاسماڻي وسطڙا واسي عورتن جو سي آءِ اي پوليس خلاف احتجاج
شوڪت علي وسطڙو زمين تي هر هڻائي رهيو هو ته کيس سي آءِ اي پوليس کنڀي کڻي وئي: حاڪمزادي وسطڙو
نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ قاسماڻي وسطڙا جي رهواسي عورتن جو نوجوان شوڪت وسطڙو کي سي آءِ اي پوليس پاران کنڀڻ خلاف پريس ڪلب آڏو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي عورتن حاڪمزادي وسطڙو ، ذڪيا ، ارم ،ياسمين ، سڀل چيو ته اسان جو نوجوان شوڪت علي وسطڙو زمين تي هر هڻائي رهيو هو ته سادا ڪپڙا پهريل سي آءِ اي پوليس جا اهلڪار بنا ڪنهن جواز جي ڪار ۾ وجهي کڻي ويا آهن جيڪو بيگناھ آهي هنن چيو ته اسان جو نوجوان نه ئي لوفر آهي نه وري ان تي ڪو ڪيس داخل ٿيل آهي پوليس اهو به نه ٿي ٻڌائي ته شوڪت کي ڪنهن جي چوڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي اسان غريب هر هاري ماڻهو آهيون اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي هنن آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته معاملي جي جاچ ڪري بيگناھ کنڀيل نوجوان شوڪت وسطڙو کي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي