اتوار، 15 نومبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ذريعي يونيورسٽي جو تدريسي عمل 8 مهينن کان معطل

سنڌي خبرون 15th Nov 2026 8 مناظر
عمرڪوٽ ذريعي يونيورسٽي جو تدريسي عمل 8 مهينن کان معطل

تدريسي عمل جي بحالي لاءِ شاگردياڻيون روڊن تي نڪري آيون، چوٿين ڏينھن بھ مشعل بردار ريلي

عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي اٺن مهينن کان بندش ۽ تدريسي سرگرميون معطل هجڻ خلاف شاگردياڻين جي احتجاجي تحريڪ ۾ شدت اچي وئي، گرلز اسٽوڊنٽ ڪميٽي پاران چوٿين ڏينهن به مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ون کان سلطان چوڪ عائشه مارڪيٽ تائين ڪڍيل ريلي ۾ شاگردياڻين يونيورسٽي بحال ڪريو، تعليم اسان جو حق آهي ۽ ڪلاسون شروع ڪريو جا نعرا هنيا، ان کان اڳ شاگردياڻيون ڪولهي دڙو کان تاريخي قلعي عمرڪوٽ، موتي چوڪ کان پريس ڪلب ۽ جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين به ريليون ڪڍي چڪيون آهن، ان موقعي تي شاگردياڻين چاندني بلوچ، ارتقاء سنڌي، آمنه نور ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اٺن مهينن کان باقاعده ڪلاسون بند هجڻ سبب سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعليمي مستقبل داءُ تي لڳل آهي، خاص طور ٻهراڙي وارن علائقن جي شاگردن شاگردياڻين کي انٽرنيٽ، بجلي ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ سبب آن لائين ڪلاسن ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته آخري سال جي شاگردن شاگردياڻين جا امتحان ۽ تعليم پڻ متاثر ٿي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي جي عمارت جي فوري مرمت ڪرائي وڃي ۽ مرمت مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن متبادل سرڪاري عمارت ۾ باقاعده فزيڪل ڪلاسون شروع ڪيون وڃن، ٻئي طرف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، محققن، اديبن، شهرين ۽ والدين پڻ تعليمي اداري جي ڊگهي بندش تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سوال اُٿاريو آهي ته اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردياڻين کي آخر ڪيستائين احتجاج ڪرڻو پوندو؟ والدين جو چوڻ آهي ته محدود مالي وسيلن باوجود ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياريندڙ خاندان هاڻي سندن تعليمي مستقبل بابت سخت پريشان آهن، هوڏانهن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن (سوٽا) جي اڳواڻن نعيم بروهي ۽ ذوالفقار مري پڻ 17 نومبر تي يونيورسٽي جي بندش، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي نقصان ۽ سب ڪئمپس مستقل بند ٿيڻ جي خدشن خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، ياد رهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران سب ڪئمپس مستقل بند ڪرڻ جي ارادي جي ترديد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اتي پڙهندڙ شاگردن جو انگ 1,229 ٻڌايو ويو آهي، شاگردياڻين، والدين ۽ شهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري وزير ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر کان مطالبو ڪيو آهي ته سب ڪئمپس جي عمارت جي مرمت، متبادل جاءِ تي فزيڪل ڪلاسون شروع ڪرڻ ۽ مستقل تدريسي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن وڌيڪَ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعليمي مستقبل متاثر ٿيڻ کان بچائي سگهجي، شاگردياڻين اعلان ڪيو آهي ته يونيورسٽي جي بحالي ۽ ڪلاسون شروع ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ