ٺٽي ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران اياز لطيف پليجي جي سالگرھ ملھائي وئي
عوامي پريس ڪلب ٺٽي ۾ تقريب منعقد، شمائله ميربحر، شبانه ڀٽي، شاهدا ميربحر ۽ ٻيا شريڪ
اياز پليجو سنڌ جي پاڻي، زمينن، قدرتي وسيلن، قومي وحدت، صوبائي خودمختياري ۽ جمهوري حقن لاءِ مسلسل آواز اٿاريندو رهيو آهي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)سنڌياڻي تحريڪ ضلعي ٺٽي پاران اياز لطيف پليجي جي سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش، ٺٽو: سنڌياڻي تحريڪ ضلعي ٺٽي پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه، نامياري قانوندان ۽ سنڌ جي سگهاري آواز اياز لطيف پليجي جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان سالگرهه تقريب عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي اياز لطيف پليجي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.تقريب ۾ سنڌياڻي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي آرگنائيزر مهرين ڀٽي، ضلعي اڳواڻن شمائله ميربحر، شبانه ڀٽي، شاهيدا ميربحر، شهناز خاصخيلي، زينت ميرجت، مهرالنساءُ سولنگي، روزانه ميربحر، شفا ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن سالگرھ جي تقريب ۾ عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صحافين کي به ڪيڪ کارايو ويوتقريب ۾ موجود سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن مهرين ڀٽي شمائله ميربحر ٻين خطاب ڪندي چيو ته اياز لطيف پليجي علم، قانوني ڄاڻ، مطالعي، سياسي حڪمت عملي ۽ عوامي رابطن ذريعي سنڌ جي سياست ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي آهي. هو سنڌ جي پاڻي، زمينن، قدرتي وسيلن، قومي وحدت، صوبائي خودمختياري ۽ جمهوري حقن لاءِ مسلسل آواز اٿاريندو رهيو آهي.هنن چيو ته اياز لطيف پليجو نوجوان نسل ۾ سياسي شعور، تعليم، مطالعي ۽ دليل جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ برادرين جي گڏيل بقا، امن ۽ اتحاد کي پڻ پنهنجي سياسي فڪر جو حصو بڻايو آهي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي موجوده سياسي ۽ معاشي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ مضبوط عوامي تنظيم، نوجوانن جي سياسي تربيت ۽ وسيع جمهوري اتحاد جي ضرورت آهي.هنن اياز لطيف پليجي کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس علم، فڪر ۽ مسلسل جدوجهد سنڌ جي روشن، خوشحال، پرامن ۽ جمهوري مستقبل لاءِ وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿيندي.ان موقعي تي تقريب ۾ قومي عوامي تحريڪ ٺٽو جي ضلعي نائب صدر دانش خاصخيلي پڻ موجود هو