بدھ، 18 نومبر 2026
بریکنگ

ٺٽي ۾ استاد خميسو خان شورو جي مان ۾ الوداعي تقريب، رياض شاھھ شيرازي بھ شريڪ

سنڌي خبرون 18th Nov 2026 2 مناظر
ٺٽي ۾ استاد خميسو خان شورو جي مان ۾ الوداعي تقريب، رياض شاھھ شيرازي بھ شريڪ

استاد جو مقام معاشري ۾ انتهائي بلند ۽ قابلِ احترام آهي. استاد اها عظيم هستي آهي: رياض حسين شاهه شيرازي

ٺٽو(شفيق ڀٽي)صوبائي وزير براءِ اوقاف، مذهبي امور، زڪوات ۽ عشر سيد رياض حسين شاهه شيرازي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ٺٽي ۾ پنهنجي اڳوڻي ڪلاس ٽيچر ۽ سينيئر استاد ايڇ ايس ٽي سائين خميسو خان شورو جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي استادن پاران سندس مانَ ۾ منعقد ڪيل الوداعي تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي ۽ سندس ڊگهي عرصي تي ٻڌل تدريسي خدمتن، محنت، لگن ۽ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ادا ڪيل اهم ڪردار کي ساراهيندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيو ته استاد جو مقام معاشري ۾ انتهائي بلند ۽ قابلِ احترام آهي. استاد اها عظيم هستي آهي، جيڪا پنهنجي علم، ڏاهپ، رهنمائي ۽ تربيت ذريعي نئين نسل جي ڪردار سازي ڪري ٿي ۽ کين زندگي ۾ ڪاميابيءَ جي راهه ڏيکاري ٿي. والدين کان پوءِ استاد ئي اها هستي آهي، جيڪا انسان جي شخصيت سنوارڻ، صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کيس هڪ ذميوار شهري بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي.هن چيو ته استاد جي محنت ۽ رهنمائي جا اثر صرف ڪلاس روم تائين محدود ناهن رهندا، پر انهن جا تربيت يافته شاگرد زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا آهن. هڪ سٺو استاد پنهنجي شاگردن ۾ علم جي روشني، اخلاقي قدرن، انسانيت جي احترام ۽ خدمتِ خلق جو جذبو پيدا ڪندو آهي، جنهن جا مثبت اثر نسلن تائين برقرار رهندا آهن.صوبائي وزير پنهنجي تعليمي دور کي ياد ڪندي چيو ته سائين خميسو خان شورو سندس اڳوڻو ڪلاس ٽيچر رهيو آهي ۽ استاد ۽ شاگرد وارو اهو رشتو سندس لاءِ فخر ۽ احترام جو باعث آهي. اڄ پنهنجي استاد جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي سندس مانَ ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سندس لاءِ هڪ خوشگوار ۽ جذباتي لمحو آهي.هن چيو ته پنهنجي استادن جي خدمتن کي ياد رکڻ ۽ سندن عزت ۽ احترام ڪرڻ اسان سڀني جي اخلاقي ذميواري آهي.هن وڌيڪ چيو ته رٽائرمينٽ ملازمت جي هڪ دور جو اختتام ضرور آهي، پر هڪ مخلص استاد جون خدمتون، تربيت ۽ علمي ورثو ڪڏهن به رٽائر ناهن ٿيندا. سندس شاگردن جون ڪاميابيون ۽ معاشري ۾ سندن مثبت خدمتون هميشه استاد لاءِ صدقو جاريه ۽ فخر جو باعث رهنديون.سيد رياض حسين شاهه شيرازي سائين خميسو خان شورو لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هن پنهنجي زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو تعليم جي فروغ ۽ نئين نسل جي علمي ۽ اخلاقي تربيت لاءِ وقف ڪيو، جيڪو يقيناً قابلِ قدر ۽ قابلِ تقليد عمل آهي.تقريب جي پڄاڻيءَ تي اسڪول جي استادن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن پڻ سينيئر استاد سائين خميسو خان شورو جي تدريسي خدمتن کي ساراهيو ۽ سندس رٽائرمينٽ تي مبارڪباد ڏيندي سندس ايندڙ زندگيءَ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.بعد ۾ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي اسڪول جي مختلف ڪلاس رومن جو دورو ڪيو ۽ اتي جاري تدريسي عمل جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سندن تعليمي سرگرمين ۽ پڙهائيءَ ۾ دلچسپي بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ کين دل لڳائي تعليم حاصل ڪرڻ، محنت ۽ لگن سان اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو ته تعليم ئي ترقي ۽ ڪاميابيءَ جو بنياد آهي، شاگرد پنهنجي سموري توجهه علم حاصل ڪرڻ تي مرڪوز رکن ته جيئن مستقبل ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي قابل بڻجي سگهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ