عمرڪوٽ جي گرلز لوئر ايليمينٽري اسڪول جٽيا پاڙي ۾ سائنسي ميلو
شاگردياڻين پاران مختلف سائنسي ماڊلز پيش، جن کي استادن ۽ شرڪت ڪندڙن پاران ساراهيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) گورنمينٽ گرلز لوئر ايليمينٽري اسڪول جٽيا محلي عمرڪوٽ ۾ سائنسي ميلو (اسٽريم ايگزيبيشن) منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پرائمري سطح کان اٺين ڪلاس تائين جي شاگردياڻين ڀرپور حصو وٺندي پنهنجي تخليقي صلاحيتن، سائنسي سوچ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان دلچسپيءَ جو عملي مظاهرو ڪيو، نمائش ۾ شاگردياڻين پاران تيار ڪيل مختلف سائنسي ماڊلز پيش ڪيا ويا، جن کي استادن ۽ شرڪت ڪندڙن پاران ساراهيو ويو، سائنسي نمائش ۾ بايو گيس پلانٽ، واٽر فلٽريشن پلانٽ، سولر پلانٽ ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سان لاڳاپيل اسمارٽ گلاسز سميت ڪيترائي دلچسپ ماڊلز ڌيان جو مرڪز بڻيا، خاص طور تي ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ڪلاس جي ننڍڙين شاگردياڻين پاران تيار ڪيل ماڊلز شرڪت ڪندڙن کي متاثر ڪيو، جڏهن ته وڏين ڪلاسن جي شاگردياڻين پڻ جديد سائنسي تصورن تي ٻڌل وڏا ۽ منفرد ماڊلز پيش ڪيا، ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (ڊي او) ايليمينٽري، سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪنڊري اسڪولز عمرڪوٽ مير حسن آريسر چيو ته اسڪولن ۾ اهڙين سائنسي سرگرمين جو انعقاد شاگردن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ جديد تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم آهي، هن چيو ته شاگردن ۾ سائنسي سوچ، تخليقي صلاحيتن ۽ عملي سکيا کي فروغ ڏيڻ لاءِ اهڙين سرگرمين جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ مسٽريس زيب النساء جنجهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سائنسي نمائش منعقد ڪرائڻ جو مقصد شاگردياڻين ۾ تحقيق، تخليقي صلاحيتن، خود اعتمادي ۽ سائنسي شعور کي هٿي وٺرائڻ آهي، هن چيو ته ننڍڙين شاگردياڻين پڻ پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان بهترين ماڊلز تيار ڪيا آهن، جيڪي ساراهه جوڳا آهن، اسان پنهنجي شاگردياڻين سان گڏ آهيون ۽ سندن ڀرپور حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، انشاءَ الله هن سال يا ايندڙ مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين، ان موقعي تي فوڪل پرسن شمائلا پڻ شاگردياڻين جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون سائنسي نمائشون شاگردياڻين کي ڪتابي تعليم سان گڏ عملي تجربا حاصل ڪرڻ ۽ نون خيالن کي عملي روپ ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون، هن چيو ته شاگردياڻين پنهنجي پنهنجي ڪلاسن جي حساب سان محنت ڪري مختلف ماڊلز تيار ڪيا آهن، جيڪي سندن تخليقي سوچ ۽ سکڻ جي جذبي جي عڪاسي ڪن ٿا.