اتوار، 15 نومبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي وحدت، زمينن، قدرتي وسيلن ۽ پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي: وسند ٿري

سنڌي خبرون 15th Nov 2026 6 مناظر
سنڌ جي وحدت، زمينن، قدرتي وسيلن ۽ پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي: وسند ٿري

ملير ۾ نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي نالي ۾ سنڌ کي ورهائڻ خلاف عوامي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي نالي ۾ سنڌ کي ورهائڻ جي مبينا سازشن، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضي ۽ پاڻي تي ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ ضلعي ملير پاران عوامي ڪانفرنس ۽ ضلعي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي نئين باڊي چونڊي وئي.ڪانفرنس ۽ ڪنوينشن کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ رستم ميراڻي، عبدالله ٻپڙ، پرهه سومرو، عباس ملاڻو، اقبال جروار، ايڊووڪيٽ خالد حسين تنيو، ڊاڪٽر رحمت الله بروهي، علي محمد بلوچ، مظھر اڄڻ، ممتاز لغاري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيوڪنوينشن دوران عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي نئين باڊي جو انتخاب ڪيو ويو، جنهن ۾ ايڊووڪيٽ رستم ميراڻي کي ضلعي صدر، اقبال جروار کي نائب صدر، عباس ملاڻو کي جنرل سيڪريٽري، جبران جروار کي جوائنٽ سيڪريٽري، منور جروار کي خزانچي، پرهه سومرو کي پريس سيڪريٽري، نذير ميمڻ کي ثقافتي سيڪريٽري، عبدالله ٻپڙ کي ليگل سيڪريٽري ۽ عزيز لانگاهه کي آفيس سيڪريٽري چونڊيو ويو. جڏهن ته ضلعي ڪميٽي جي ميمبرن ۾ امر مگسي، مير نوروز ڪلمتي، جبار پليجو، علي محمد ڪلمتي، ڀورا لال ڀيل، ممتاز لغاري، ڊاڪٽر رحمت الله بروهي، انعام کوسو، لطيف ٻگھيو ۽ سهيل کوسو شامل آهن. ڪنوينشن جي پڄاڻي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وسند ٿري نئين چونڊيل ضلعي باڊي جي عهديدارن کان حلف ورتو. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وحدت، زمينن، قدرتي وسيلن ۽ پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ جمهوري ۽ پرامن جدوجهد جاري رکي ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ