نوشھروفيروز ۾ مٺياڻي واسي عورتن جو احتجاجي مظاھرو
ڀائرن شيراز، اياز ۽ فياض وارن گهر تي حملو ڪيو: زاهدا سهتو
نوشهروفيروز( ڊ ر )نوشهروفيروز ۾ مٺياڻي واسي عورتن جو گهر تي حملو ڪري تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي عورتن زاهدان سهتو سندس ننهن زليخان سهتو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته ڀائرن شيراز سهتو، اياز ۽ فياض سهتو وارن گهر تي حملو ڪري اسان مٿان تشدد ڪيو ۽ ڪپڙا به ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا آهن معصوم ٻارڙن تي به تشدد ڪري ظلم ڪيو ويو آهي هنن چيو ته ڀائرن جي اهڙي ظلم خلاف مٺياڻي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري ڀائر ظالم آهن جن مان جان نقصان جو خطرو آهي هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ سيشن جج نوشهروفيروز کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.