ملير جي مختلف علائقن ۾ ٽن واقعن ۾ ٽي ڄڻا فوت، هڪ زخمي
شير پاؤ ڪالوني مان نوجوان جو لاش هٿ، گلشنِ رومي ۾ اڏاوت هيٺ گهر جي ٽين ماڙ تان ڪري مزدور فوت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي مختلف علائقن ۾ پيش آيل ٽن ڌار ڌار واقعن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ذريعن موجب لانڍي زون ڪمپني ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ 26 ورهين جو محمد فيضان ولد محمد قاسم فوت ٿي ويو، جڏهن ته 25 ورهين جو هڪ اڻڄاتل نوجوان زخمي ٿي پيو. ٻنهي کي چِھيپا ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو ٻئي واقعي ۾ لانڍي جي شير پاؤ ڪالوني ۾ دياري حبيب مسجد ويجهو 25 ورهين جي ذوالفقار ولد اڪرم جو لاش هٿ آيو، جنهن کي چِھيپا ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو شروعاتي طور سندس فوت ٿيڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو.ٽئين واقعي ۾ ملير چيڪ پوسٽ نمبر 6 ويجهو گلشنِ رومي ۾ اڏاوت هيٺ گهر جي ٽين ماڙ تان ڪري 27 ورهين جو مزدور احمد علي ولد اقبال علي فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش پڻ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.