هنڱورجا قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي
هنڱورجا(رپورٽر)هنڱورجا قومي شاهراهه تي سچل پمپ سامهون تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. فوتين جا لاش هنڱورجا ۽ لکي غلام شاهه ۾ سندن گهرن تي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مسافر ڪوچ جو ڊرائيور حادثي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته هنڱورجا پوليس ڪوچ تحويل ۾ وٺي ڇڏي. حادثي جو ڪيس آخري اطلاعن تائين داخل نه ٿي سگهيو.تفصيل موجب هنڱورجا قومي شاهراهه تي سچل پمپ سامهون تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هنڱورجا جي ڳوٺ ڏاڙهو جوڳي جو رهواسي نوجوان مولوي مختيار جوڳي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته لکي غلام شاهه واسي زاڪر حسين ميمڻ ۽ مولوي رياض حسين جوڳي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي پهريان هنڱورجا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کين وڌيڪ علاج لاءِ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي زخمن جا سور نه سهندي زاڪر حسين ميمڻ دم ڏئي ڇڏيو، اهڙي طرح حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو، جڏهن ته زخمي مولوي رياض حسين جوڳي علاج هيٺ آهي.هوڏانهن مسافر ڪوچ جو ڊرائيور حادثي بعد موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع تي هنڱورجا پوليس پهچي مسافر ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف فوت ٿيل مولوي مختيار جوڳي جو مڙهه هنڱورجا جي ڳوٺ ڏاڙهو جوڳي ۽ زاڪر حسين ميمڻ جو مڙهه لکي غلام شاهه ۾ سندس گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو ۽ ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.