پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جو اهم اجلاس ٿي گذريو
اجلاس ۾ يومِ تاسيس ۽ تنظيمي جوڙجڪ جي حوالي غور ويچار
ٺٽو( ڊر)پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جو يومِ تاسيس ۽ تنظيمي جوڙجڪ جي حوالي سان اهم اجلاس ٺٽي جو يومِ تاسيس ۽ تنظيمي جوڙجڪ جي حوالي سان اهم اجلاس پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر ۽ ميمبر قومي اسيمبلي انجنيئر صادق علي ميمڻ جي رهائشگاهه تي پارٽي جي يومِ تاسيس ۽ تنظيمي جوڙجڪ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي تنظيمي معاملن، يومِ تاسيس جي تيارين ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي، سينئر نائب صدر ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالحميد پنھور، انفارميشن سڪريٽري سيد محمود عالم شاھ” پير رحماني شاھ ،تعلقه ٺٽي جي صدر عبدالحميد سومرو، جنرل سڪريٽري منور هيلايو ” تعلقي گهوڙاٻاري جو صدر رمضان پنهور ” جنرل سڪريٽري حاجي جمن ميمڻ”ممتاز جلباڻي” نورحسن سرڪي” امداد سرڪي، مڪلي ٽائون جي چيئرمين پير زين العابدين شاهه، ڀورو سرڪي، پاڪستان پيپلز پارٽي ٺٽو سٽي جي صدر عبدالعزيز پکيئڙو، ضلعي آفيس سيڪريٽري آفتاب جاويد ميمڻ غلام حيدر سمون سميت ڪيٽي بندر جي تعلقي جي عهدارن” هاري ڪميٽي” لائير فورم” مينارٽي ونگ” يوٿ سميت پارٽي جي ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ يومِ تاسيس کي منظم انداز ۾ ملهائڻ ۽ پارٽي جي تنظيمي سرگرمين کي اڳتي وڌائڻ بابت مختلف تجويزون پڻ غور هيٺ آنديون ويون.