منگل، 17 نومبر 2026
بریکنگ

زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي بحالي واري تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع

سنڌي خبرون 17th Nov 2026 4 مناظر
زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي بحالي واري تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع

شاگردياڻين ۽ شاگردن جي تحريڪ ۾ زرعي ڪئمپس جا استاد ۽ سئوٽا اڳواڻ به شامل ٿي ويا

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن (ساؤٽا) جي سڏ تي عمرڪوٽ ڪيمپس جي بحالي، استادن ۽ ملازمن جون مڪمل پگهارون جاري ڪرڻ ۽ شاگردن جو تعليمي مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ استادن، ملازمن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪيمپس جي بحاليءَ لاءِ زوردار نعريبازي ڪئي، احتجاجي مارچ کي خطاب ڪندي ساؤٽا اڳواڻن محمد نعيم بروهي، نواز ميربحر، ذوالفقار مري، ڊاڪٽر شبانه سرتاج، ڊاڪٽر ارشاد، ڊاڪٽر امداد لغاري، ڊاڪٽر شوڪت سومرو، پ ٽ الف تعلقه صدر مگهن مهر، گوتم سنگراسي ۽ ٻين چيو ته عمرڪوٽ ڪيمپس گذريل 10 مهينن کان غيرفعال هجڻ سبب علائقي جي 1200 کان وڌيڪَ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعليمي مستقبل داءُ تي لڳل آهي، انٽرنيٽ جي سهولتن جي کوٽ سبب آن لائين ڪلاسون به اثرائتي نموني جاري نه رهي سگهيون آهن، جڏهن ته امتحانن ۾ دير ۽ تدريسي سرگرمين جي معطلي شاگردن لاءِ پريشانين جو سبب بڻيل آهي، هنن چيو ته ڪيمپس جي بندش سبب لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو شاگرد پنهنجا داخلا ختم ڪرائي چڪا آهن، جڏهن ته نئين تعليمي سال لاءِ هن وقت تائين صرف ست درخواست فارم جمع ٿيا آهن، استادن ۽ ملازمن کي به مڪمل پگهارون نه پيون ملن، جڏهن ته اڳوڻي پرو وائيس چانسلر جي استعيفيٰ کانپوءِ اڃان تائين نئون پرو وائيس چانسلر مقرر نه ٿيڻ سبب انتظامي بحران برقرار آهي، ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين پڻ پنهنجي موقف ۾ چيو ته ڪيمپس جي مسلسل بندش سبب سندن تعليم، امتحان ۽ مستقبل متاثر ٿي رهيو آهي، غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ٻين شهرن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي، تنهنڪري عمرڪوٽ ڪيمپس جي بحالي سندن بنيادي ضرورت آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سندن قيمتي تعليمي سال ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ فوري طور ڪلاسون ۽ امتحان بحال ڪيا وڃن، مقررین وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، سنڌ حڪومت، ايڇ اي سي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عمرڪوٽ ڪيمپس کي فوري طور فعال ڪري، نئون پرو وائيس چانسلر مقرر ڪيو وڃي ۽ استادن توڙي ملازمن جون رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن، هنن سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ڌرين، وڪيلن، صحافين ۽ شهرين کي پڻ ڪيمپس جي بحاليءَ لاءِ گڏيل آواز اٿارڻ جي اپيل ڪئي، ساؤٽا اڳواڻن اعلان ڪيو ته مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو، جنهن تحت سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ خيرپور ڪيمپس ۾ بليڪ ڊي ملهايو ويندو، جڏهن ته احتجاجي ريليون ۽ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو مظاهرو پڻ ڪيو ويندو، هنن واضح ڪيو ته عمرڪوٽ ڪيمپس جي مڪمل بحالي تائين پُرامن ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ