منگل، 17 نومبر 2026
بریکنگ

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جو سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس (ريسڪيو 1122) جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسٽيشن جو دورو

سنڌي خبرون 17th Nov 2026 3 مناظر
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جو سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس (ريسڪيو 1122) جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسٽيشن جو دورو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس (ريسڪيو 1122) جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسٽيشن ٺٽو جو دورو ڪيو ، جتي ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر انجنيئر توقير احمد سومرو ۽ ريسڪيو 1122 جي ٻين آفيسرن ۽ اهلڪارن سندس آجيان ڪئي۔ دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ريسڪيو 1122 جي مختلف شعبن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ اداري جي مجموعي ڪارڪردگي، موجود وسيلن، جديد اوزارن، ايمرجنسي گاڏين، ڪنٽرول روم، اسٽور ۽ ٻين انتظامي توڙي ٽيڪنيڪل سهولتن جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر انجنيئر توقير احمد سومرو کيس اسٽيشن جي ڪارڪردگي، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار، ريسڪيو آپريشنز ۽ عوام کي فراهم ٿيندڙ خدمتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ريسڪيو 1122 جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشه ورانه مهارت، فرض شناسي، نظم ۽ ضبط، محنت ۽ خدمت جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته ريسڪيو 1122 عوامي خدمت جو هڪ اهم ادارو آهي، جيڪو ڪنهن به حادثي، قدرتي آفت، باهه لڳڻ، ٽريفڪ حادثي يا ٻين هنگامي حالتن ۾ فوري طور پهچي قيمتي انساني جانيون بچائڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ هن چيو ته هنگامي حالتن ۾ چند منٽن جي دير به انساني زندگيءَ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري ريسڪيو سروس جو بروقت رسپانس، تربيت يافته عملو، جديد اوزار ۽ اثرائتي حڪمت عملي انتهائي اهميت رکن ٿا۔ ريسڪيو 1122 جا اهلڪار ڏکين حالتن ۾ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ انسانيت جي خدمت ڪن ٿا، جيڪو نه صرف ساراهه جوڳو پر سڄي معاشري لاءِ فخر جوڳو مثال آهي۔ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميه عوام کي بهتر ۽ فوري هنگامي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي۔ ريسڪيو 1122 سميت سمورين ايمرجنسي سروسز وچ ۾ باهمي رابطن، گڏيل حڪمت عملي ۽ اثرائتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ گهٽ ۾ گهٽ وقت اندر متاثر ماڻهن کي امداد فراهم ڪري سگهجي۔ هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سمورين ايمرجنسي گاڏين، مشينري ۽ جديد اوزارن کي هر وقت فعال ۽ استعمال لاءِ تيار رکيو وڃي، عملي جي پيشه ورانه تربيت ۽ صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي ۽ عوامي شڪايتن توڙي هنگامي ڪالن تي فوري ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي۔ هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ضلعي جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ريسڪيو سروسز جي پهچ کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي، ته جيئن ڪنهن به حادثي يا قدرتي آفت جي صورت ۾ بروقت امدادي ڪارروايون ممڪن بڻجي سگهن۔ سرمد علي ڀاڳت وڌيڪ چيو ته عوامي خدمت ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري، جديد سهولتن جي فراهمي ۽ ادارن وچ ۾ باهمي سهڪار ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن۔ ريسڪيو 1122 جي خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ضلعي انتظاميه پاران هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو۔ آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ريسڪيو 1122 جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ادارو مستقبل ۾ پڻ ساڳئي جذبي، لگن ۽ پيشه ورانه ذميواري سان عوام جي خدمت ۽ انساني جانين جي تحفظ لاءِ پنهنجون خدمتون جاري رکندو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ