نوشهروفيروز ۾ احساس انسانيت فائونڊيشن پاران شاگردن ۽ شاگرديانين کان سالياني ٽيسٽ ورتي وئي
ضلعي جي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي 350 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ٽيسٽ منعقد ڪئي وئي
نوشهروفيروز(ڊ ر) احساس انسانيت فائونڊيشن نوشهروفيروز پاران ضلعي جي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي 350 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي حوصله افزائي ڪرڻ لاء سالانه ٽيسٽ 2026ع ورتي ويئي ان موقعي تي اڳواڻن سهيل عباس، اعجاز ممنائي، سيد ثمر نقوي۔ ميڊم زويه لاڙڪ۔ رياض علي ابڙو۔ عبدالله پيرزادو۔ ممتاز علي۔ حنان ڪورائي۔ ميڊم تنزيلا ميمڻ، ۽ ٻين چيو ته اسان جو بنيادي مقصد انسانيت لاء ڪم ڪرڻ آهي۔ هيء هڪ مثالي اسڪالرشپ پروگرام آهي، جنهن وسيلي علم جي روشنيءَ سان نئين نسل جي مستقبل کي سنوارڻ ۽ انهن کي تعليمي شعور ڏيڻو آهي۔ اسان سمجهون ٿا تعليم ڪنهن به سماج جي ترقي، شعور ۽ خوشحاليءَ جو بنيادي ذريعو هوندي آهي. هن پروگرام ذريعي ٻارن جي حوصله افزائي ڪرڻ قوم جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي۔ اڳواڻن چيو اسان جا ٻارن ۾ پڙهائيء جو جذبو موجود آهي پر انهن ٻارن جي حوصله افزائي نه هجڻ ڪري مايوس آهي ان مايوسيء کي ختم ڪرڻ لاء والدين استادن توڙي اسانجي پڙهيل لکيل ماڻهن جي زميواري آهي۔ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته احساس انسانيت فائونڊيشن گذريل ڪيترن ئي عرصي کان تعليم، صحت، سماجي ڀلائي ۽ انساني خدمت جي ميدان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. اهو سلسلو هڪ اهم ۽ قابلِ فخر حيثيت رکي ٿو ۽ مستقبل ۾ به ائين ئي جاري رهندو۔