اتوار، 15 نومبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ اسٽيج ناٽڪ "ميرو مٺائي وارو" منعقد، مداحن پاران تعريف

سنڌي خبرون 15th Nov 2026 3 مناظر
سجاول ۾ اسٽيج ناٽڪ

اسٽيج ناٽڪ ۾ اڪبر زنگيجو، گلڻ مستانون، عرس ناريجو، ڪومل ناز ۽ ٻين اداڪاري ڏيکاري

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ اسٽيج ناٽڪ "ميرو مٺائي وارو" منعقد ڪيو ويو. ثقافت کاتي سنڌ جي سھڪار سان سوشل آرٽ سرڪل سجاول پاران سجاول ۾ پوسٽ آفيس وٽ سنڌي اصلاحي اسٽيج ناٽڪ "ميرو مٺائي وارو" پيش ڪيو ويو. تعليم جي واڌاري ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ھن خاص اسٽيج ناٽڪ ۾ فنڪارن مختلف ڪردارن ذريعي تعليم جي ضرورت، ٻارن جي مستقبل ۽ سماجي ترقي بابت پيغام ڏنو. اسٽيج ڊرامي ۾ اداڪارن اڪبر زنگيجو، گلڻ مستانون، عرس ناريجو، ڪومل ناز، رزيہ شيخ، مرتضيٰ شيخ، مرتضيٰ ڀان، عبدالله عباسي، رشيد راجا ۽ غلام رسول شيدي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ڊرامي جي هدايتڪاري نظير لوھار ڪئي، جڏهن تہ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جا فرض عرس ناريجو سرانجام ڏنا، ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيٽر نديم شهزاد کٽي هئا. ڊرامي ذريعي اهو پيغام ڏنو ويو تظ تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي، جڏهن تہ هڪ باشعور ۽ ترقي يافتہ معاشري جي اڏاوت لاءِ تعليم جو فروغ انتهائي ضروري آهي. ثقافت کاتي سنڌ جي اهڙين سرگرمين جو مقصد فن ۽ ثقافت ذريعي سماج ۾ مثبت سوچ پيدا ڪرڻ ۽ تعليم جي اهميت بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ آهي. اسٽيج ڊرامي جي ھن پروگرام ۾ پيپلز پارٽي سجاول جي سرگرم اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ، پ پ پ تعلقي سجاول جي صدر ڊاڪٽر اقبال ميمڻ سميت ٻين معززين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ