پیر، 16 نومبر 2026
بریکنگ

ھڱورجا ۾ دڪان مان لکين رپين جو ڌاڙو، ڏاھري برادري ۽ شھرين پاران قومي شاھراھ تي ڌرڻو

سنڌي خبرون 16th Nov 2026 6 مناظر
ھڱورجا ۾ دڪان مان لکين رپين جو ڌاڙو، ڏاھري برادري ۽ شھرين پاران قومي شاھراھ تي ڌرڻو
ھنڱورجا(رپورٽر) ھنڱورجا شھر ۾ ھٿياربندن جي واپاري دوڪان تي ڪاھ. دوڪان ۾ آيل گراھڪن ۽ ملازمن جي يرغمال بڻائي لکين روپيا ڦر ڪري فرار . ڦر واقعي خلاف ڏاھري برادري ۽ شھرين جو قومي شاھراھ تي ڌرڻو.پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي ڏوھن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو مظاھرين جو اعلان.تفصيل موجب ھنڱورجا شھر پنجھٽي بازار وچ ۾ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار نامعلوم ھٿياربندن شھر جي واپاري سميع شيخ جي دوڪان تي ڪاھ ڪري دوڪان ۾ موجود ملازمن ۽ ڏاھري برادري معزز شخصيت الطاف حسين ڏاھري ۽ آن فرزند جي يرغمال بڻائي ورتو.ڏوھارين الطاف ڏاھري کان 6 لک روڪ رقم موبائل فون ۽ دوڪان جي ملازمن کان ھزارين روپيہ موبائيل فون ڦر ڪري وچ شھر مان آساني سان فرار ٿي ويا . ڏاھري برادري جي معزز شخصيت الطاف ڏاھري ميڊيا جي ٻڌايو ت بينڪ تان 6 لک روپيا ڪيش وٺي دوڪان تي سامان وٺڻ لاء پھتاسون جتي ھٿياربندن اچي ڪري ڦرلٽ ڪري ويا ٻي پاسي ڏاھري برادري جي سوين ماڻھن وڌندڙ بدامني .ڏاھري برادري جي معزز شخصيت الطاف ڏاھري کان ڦر واقعي جي خلاف قومي شاھراھ تي احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي احتجاج ڪندڙن چيو آھي تہ ھنڱورجا ۾ بدامني عروج تي پھتل آھي پوليس ڏوھن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي ھنن چيو ڦر واپس ن ٿي ت سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ