ڀرياسٽي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي گهر تي حملو، نوجوان جو ڀاءُ قتل، ٻن عورتن سميت 3 زخمي
ھٿياربندن 3 مھينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ بابر ڪاٺيو جي ڀاءُ شان علي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو
ڀرياسٽي(رپورٽر) ڀرياسٽي ٽي مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي گهر تي هٿياربندن حملو ڪيو فائرنگ نتيجي ۾ نوجوان جو ڀاءُ شان علي ڪاٺيو مارجي ويو، جڏهن ته پيرسن مسمات رخسانا ڪاٺيو مومل ۽ گل بهار سخت زخمي ٿي پيون. واقعي بعد پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان زخمي عورتن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه ريفر ڪيو ويو. وارثن موجب بابر علي ڪاٺيو ٽي مهينا اڳ مورو جي ناري سويرا ابڙو سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان مخالف ڌر جي ماجد ابڙو ٻن اڻڄاتل هٿياربندن سان گڏجي گهر تي حملو ڪيو. هوڏانهن پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.