سنڌ بچائڻ لاءِ 29 نومبر تي ڪراچي ۾ لکين ماڻهن جي ريلي ڪڍنداسين: حيدر شاهاڻي
ايم ڪيو ايم جون ڌمڪيون توڙي چڙ ڏياريندڙ بيان اسان کي احتجاج کان روڪي نٿا سگهن
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي چيو آهي ته سنڌ جي امڪاني ورهاڱي ۽ سنڌ دشمن سازشن خلاف 29 نومبر تي ڪراچي ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت سان تاريخي ريلي ڪڍي ويندي. ايم ڪيو ايم پاران ساڳئي ڏينهن ۽ ساڳئي تاريخ تي شاهراهه فيصل تي ريلي ۽ جلسي جو اعلان ڪري اسان جي احتجاج کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سندن اڳواڻن جا روزانو اشتعال ڏياريندڙ بيان ۽ ڌمڪيون سامهون اچي رهيون آهن، پر اسان اهڙن اعلانن ۽ ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ميٽ دي پريس پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، مرڪزي فنانس سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد نوناري، ڊويزنل صدر اعجاز سامٽيو، ڊويزنل نائب صدر ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري رشيد سڌايو، ادريس چانڊيو ۽ ماما رحيم بلوچ پڻ موجود هئا حيدر شاهاڻي وڌيڪ چيو ته ڪراچي سنڌ جو شهر آهي ۽ سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي هن شهر ۾ اچڻ، پنهنجي وطن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ جو آئيني ۽ جمهوري حق حاصل آهي. ڪنهن به ڌر کي اهو حق حاصل ناهي ته اها سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ئي شهر ۾ احتجاج ڪرڻ کان روڪي يا خوف ۽ هراس پيدا ڪري هن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي پنهنجي ڪارڪنن کي واضح هدايت ڪئي آهي ته 29 نومبر واري ريلي ۾ ڪو به ڪارڪن هٿيار کڻي نه ايندو، اسان پرامن ۽ هٿين خالي اينداسين. جيڪڏهن ڪنهن کي گوليون هلائڻ جو شوق آهي ته ڀلي هلائي، اسان جا سينا پنهنجي سنڌ وطن جي بقا ۽ سلامتي لاءِ حاضر آهن. اسان تشدد تي يقين نٿا رکون، پر پنهنجي وطن جي وحدت، تاريخي حيثيت ۽ وسيلن جي تحفظ تان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽنداسين هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. 29 نومبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ريلي رڳو هڪ سياسي پارٽي جو احتجاج نه، پر سنڌ جي وحدت ۽ قومي وجود جي تحفظ لاءِ گڏيل جدوجهد جو اظهار هوندي حيدر شاهاڻي چيو ته هن وقت سنڌ جي بقا، وحدت ۽ قومي وجود جو سوال سڀني کان اهم آهي، تنهن ڪري سنڌ جي سمورين سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين توڙي سنڌ دوست ماڻهن کي ذاتي ۽ سياسي اختلاف وساري سنڌ جي حقن لاءِ متحد ٿي ميدان ۾ اچڻ گهرجي. پوري سنڌ مان ماڻهو پنهنجي وطن جي بقا لاءِ سرن تي ڪفن ٻڌي ڪراچي پهچندا، ڇاڪاڻ ته هي وقت خاموش ويهڻ جو نه، پر پنهنجي وطن جي بقا لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو آهي.