نوشهروفيروز ۾ ميونسپل ملازمن کي وڌيل پگهارون ۽ پينشن نه ملي، ستين ڏينھن بھ احتجاج جاري
آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن جي صدر ڪشن راجا، جاويد علي شيخ ۽ ٻين پاران احتجاج ڪيو ويو
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن کي وڌيل پگهارون ۽ پينشن نه مليون ملازمن جو ستين ڏينهن به احتجاج جاري ملازمن ميونسپل ڪاميٽي جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن جي صدر ڪشن راجا، جاويد علي شيخ، غلام علي شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا مطالبن جي مڃتا لاءِ نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ، سي ايم او عبدالفتاح تڳر ۽ ڊپٽي اڪائونٽنٽ عثمان شيخ اسان مزدورن جي پگهار ۽ پينشن ملي ڀڳت ڪري ڪرپشن جي ور چاڙهي ڇڏين ٿا جيڪي سرڪار جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري ملازمن جو جائز حق پگهار ۽ پينشن جا هر مهيني ايندڙ لکين روپيا هضم ڪري وڃن ٿا هنن چيو ته راشي عملدارن سينيئر ملازمن جا پروموشن ڪرڻ بجاءِ انهن جي جاءِ تي ڳري رشوت وٺي جونيئر ملازمن جا پروموشن ڪري ڇڏيا آهن جيڪو پروفيشنل ملازمن سان وڏو ظلم آهي جيڪو اسان ملازم برداشت نه ڪنداسين هنن مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ چيئرمين، سي ايم او عبدالفتاح تڳر ۽ سندس کاٽو پٽ جعلي ڊپٽي اڪائونٽنٽ کي هٽائي ملازمن کي پنهنجا جائز حق ڏنا وڃن.