اتوار، 15 نومبر 2026
بریکنگ

ملير جي شخصيت سيد محسن شاهه بخاري لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌي خبرون 15th Nov 2026 7 مناظر
ملير جي شخصيت سيد محسن شاهه بخاري لاڏاڻو ڪري ويو

جنازي نماز ابراهيم حيدري جي بلوچ مجاهد عيدگاهه ۾ ادا ڪئي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي علائقي ابراهيم حيدري جي سيد برادري جو معزز اڳواڻ ۽ سيد قادرڏنو شاهه جو والد محترم سيد محسن شاهه بخاري لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز ابراهيم حيدري جي بلوچ مجاهد عيدگاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سردار سهيل ڄاموٽ، مير عالم ڄاموٽ، سيد يوسف شاهه سميت علائقي جي سياسي، سماجي شخصيتن، معززين ۽ سوين شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مرحوم جي مغفرت، بلند درجات ۽ پونئرن لاءِ صبر جميل جي دعا گهري وئي، جڏهن ته وارثن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار پڻ ڪيو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ