ابراهيم حيدري ۾ قتل ٿيل اطهر ميمڻ ڪيس ۾ اڳڀرائي، سندس سالو راجو عرف ساحل گرفتار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري پوليس نوجوان اطهر علي ولد گلزار علي جي قتل ڪيس ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار راجو عرف ساحل ولد عبدالستار کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس موجب 18 نومبر 2026ع تي خاص مخبر جي اطلاع تي الیاس ڳوٺ روڊ، رڪشا اسٽاپ ويجهو ڪارروائي ڪري قتل ڪيس نمبر 813/2026، قلم 302، 109 ۽ 34 تحت گهربل جوابدار راجو عرف ساحل کي گرفتار ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته قتل ٿيل نوجوان اطهر علي سندس سئوٽ نه پر ڀيڻيوو هو، جنهن کي هن پنهنجي هڪ ٻئي ساٿي سان گڏجي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. پوليس موجب واقعي ۾ ملوث ٻئي جوابدار جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ جاچ ۽ ڪارروائي جاري آهي.