بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير: سماجي ۽ سياسي شخصيت شفيع محمد ڄاموٽ جي ڇهين ورسي 7 جولاءِ تي ملهائي ويندي

سنڌي خبرون 03rd Jul 2025 155 مناظر
ملير: سماجي ۽ سياسي شخصيت شفيع محمد ڄاموٽ جي ڇهين ورسي 7 جولاءِ تي ملهائي ويندي
ملير (رپورٽر)ڪراچي جي سماجي ۽ سياسي شخصيت، ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي اڳوڻي چيئرمين حاجي شفيع محمد جاموٽ جي ڇهين ورسي 7 جولاءِ تي ملهائي ويندي ورسي جي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير جي ميزبانيءَ هيٺ منعقد ٿيندي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن سميت علائقي جون معزز شخصيتون شرڪت ڪنديون تقريب ۾ حاجي شفيع محمد جاموٽ جي عوامي خدمتن، سياسي جدوجهد ۽ سماجي ڪردار تي تفصيلي روشني وڌي ويندي ان سلسلي ۾ عوامي پريس ڪلب جي عهديدارن جي وفد، جنرل سيڪريٽري عنايت شاهه جي اڳواڻيءَ ۾، مرحوم جي پٽ سهيل جاموٽ، ملير جي سماجي شخصيت خداڏنو شاهه، ايم پي اي ۽ پ پ ضلعي ملير جي صدر راجا رزاق بلوچ، ايم پي اي محمود عالم جاموٽ سميت ٻين کي پڻ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ