بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ واسي ناميارو وڪيل ايڊووڪيٽ فرخ شريف ورياماڻي لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌي خبرون 15th Jul 2025 204 مناظر
عمرڪوٽ واسي ناميارو وڪيل ايڊووڪيٽ فرخ شريف ورياماڻي لاڏاڻو ڪري ويو
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ جو ناميارو وڪيل ايڊووڪيٽ فرخ شريف ورياماڻي دل بيھڻ سبب ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو 39سالن جو نوجوان وڪيل فرخ شريف ورياماڻي کي پنھنجي ڪراچي واري گھر تي ئي دل جو دورو پيو ۽ وفات ڪري ويو ناميارو وڪيل فرخ شريف ورياماڻي عمرڪوٽ جي نامور ڊاڪٽر ۽ اڳوڻي سول سرجن ڊاڪٽر شريف ورياماڻي جو پٽ ھو ايڊووڪيٽ فرخ شريف عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر مقتول شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ مقتول جي وارثن سان گڏجي متحرڪ ڪردار ادا ڪيو سندس مڙھ ڪراچي کان عمرڪوٽ آندو ويو جتي وھرو شريف ۾ جنازي نماز بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آخري رسمن ڪراچي حيدرآباد ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ بار ايسوسيئشن جي وڪيلن جي وڏي تعداد سميت ڊاڪٽرن سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عزيزن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ