جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

نئون دمبالو دمبالو جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊليوري دوران عورت ۽ سندس ٻارڙو فوت

سنڌي خبرون 13th Dec 2023 166 مناظر

نئون دمبالو دمبالو جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊليوري دوران عورت ۽ سندس ٻارڙو فوت

نئون دمبالو (رپورٽر) نئون دمبالو ڪپري موري جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊليوري لاء آيل عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت وارثن پاران ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام ، نئون دمبالو ويجهو ڪپري موري پي پي ايچ آئي اسپتال ۾ ڊليوري لاء آيل شريمتي راڻي زال ڪلو ڪولھي مبينا طور ليڊي ڊاڪٽر جي غلط ڊليوري سبڀ ٻار سميت فوت ٿي ويئي . ياد رھي فوتڻ راڻي ڪولھي پنهنجي مڙس سميت ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيگام کان ڪپري موري لڳ ڳوٺ عاقل دل ۾ مزدوري خاطر آيل ھئي. ڊليوري جا سور ٿيڻ سبب وارثن صبح سوير PPHI سينٽر ڪپري موري پھچايو. جتي ڏينهن جو ھڪ بجي کان بعد ڊليوري ڪرائي.جنھن دوران تازو ڄاول ٻار فوت ٿيو. جنهن بعد مذڪوره عورت بـ فوت ٿي ويئي. ٻئي لاش گھر پھچڻ سبب گھر ۾ ڪهرام مچي ويو وارثن پاران ذميوار ڊاڪٽرياڻي خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪري ان کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته جئين ٻي غريب عورت موت کان بچي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ