English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ۾ گڏجاڻي
132 views
|
12th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) فيڊرل ايپڪس ڪميٽي ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽيز جي روشني ۾ جوڙيل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي عمرڪوٽ جي گڏجاڻي ڪميٽي جي چيئرمين و ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن پاڪستان آرمي ڪيپٽن ڪامران، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، ايڪسي اين حيسڪو امتياز ميمڻ، انسپيڪٽر ڪسٽم پوليس، انسپيڪٽر نارڪوٽڪس، ايڪسائيز کاتو عمرڪوٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ طارق احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيشنل ھائي ويز اٿارٽي عمرڪوٽ خالد ميمڻ، آئي بي، آئي ايس آئي، ايم آئي، اسپشل برانچ، سي ٽي ڊي ۽ ٻين حساس ادارن جي عملدارن توڙي ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ غلط ڄاڻ کي روڪڻ تمام ضروري آھي، جنھن سان حڪومت جي رٽ کي برقرار رکڻ توڙي ماڻھن کي صحيح ڄاڻ مھيا ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ٿي، ھن چيو تہ عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪو بہ غير قانوني پيٽرول پمپ ھلندڙ ھجي تہ فوري طور تي سيل ڪيو وڃي، ھن چيو تہ نوجوانن کي صحتمند سرگرمين طرف راغب ڪيو وڃي تہ جيئين اھي معاشري ۾ ٿيندڙ ڏوھن کان بچي سگھن، ڇاڪاڻ تہ نوجوان ئي ملڪ جو سرمايو آھن، ھن ڪميٽي جي سمورن ميمبرن کي ھدايت ڪندي چيو تہ رياست توڙي ادارن جي خلاف ڪنھن بہ غلط پروپيگنڊا کي روڪڻ توڙي غير تصديق شده ڄاڻ فھلائيندڙ تي سخت نظر رکي وڃي ۽ اھڙي ڪا بہ خبر ھجي تہ فوري طور تي انھي فورم کي آگاهه ڪيو وڃي، ھن چيو تہ ته ڪسٽم توڙي نارڪوٽڪس پوليس کي پنھنجي پيٽرولنگ ڊيوٽي ۾ واڌارو ڪرڻ گهرجي ۽ ضلعي انتظاميا جي گڏيل سھڪار سان ڪاروائي ڪري غير قانوني پيٽرول پمپ سيل ڪيا وڃن ۽ نان ڪسٽم شين کي فوري طور تي روڪيو وڃي، ھن سنڌ پوليس جي عملدارن کي ھدايت ڪندي چيو تہ منشيات تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ نوجوان نسل کي منشيات کان بچايو وڃي، ان موقعي تي ھن اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ادارن جي عملدارن کان ڪارڪردگي رپورٽ ورتي، ان موقعي تي ايڪسي اين حيسڪو عمرڪوٽ امتياز ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو تہ بجلي چوري روڪڻ جي لاءِ ڪاروائيون ھلندڙ آھن، جڏھن تہ بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ عمرڪوٽ شھر ۾ ڪل 8 ٽرانسفارمرن جي تارن کي ڪيبل تي منتقل ڪري ڇڏيو آھي، ان موقعي تي ايڪسائيز انسپيڪٽر ٻڌايو تہ گذريل مھيني دوران اسان 887 گاڏيون چيڪ ڪيون آھن، جنھن ۾ 07 گاڏيون ڊيفالٽر ھيون، جنھن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آھي، ھن چيو تہ ھن وقت تائين 463267 روپين جو ٽيڪس پڻ وصول ڪيو آھي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ھدايت ڪندي چيو تہ شھرن ۾ غير قانوني حد دخلين خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي ۽ ان جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ان موقعي تي ھن نيشنل ھائي ويز اٿارٽيءَ جي اختيارين کي ھدايت ڪندي چيو تہ نيشنل ھائي ويز روڊ عمرڪوٽ ٽو کوکراپار روڊ تي موٽروي پوليس جا اھلڪار مقرر ڪيا وڃن، ھن چيو تہ جيڪي بہ مدرسه آھن انھن کي مدرسه جي نئين رجسٽريشن ايڪٽ تحت رجسٽرڊ ڪري انھن مدرسن جي اندر پڙھندڙ شاگردن توڙي استادن جا انگ اکر گڏ ڪري رپورٽ ڏني وڃي، ھن چيو ته لوڪل آبادي ۾ اھڙو ڪو بہ غير متعلقه شخص نظر اچي تہ فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي آگاھ ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے