18ورهين جو عبدالغفور برفت ڏند ۽ کاڏي ٽٽڻ سبب سخت عذاب ۾ مبتلا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عيد ڏھاڙي گڏاپ ۾ حادثي جو شڪار غريب نوجوان جو علاج نه ٿيو ڏند ۽ کاڏي ٽٽڻ سبب نوجوان اسپتال ۾ تڙپڻ لڳو انتظاميا آپريشن جي آسري رلائي رهي آھي چونڊيل نمائندا ۽ سرندي وار مدد ڪن نوجوان جي امڙجي اپيل تفصل موجب گڏاپ جي علائقي سناسي برفت ڳوٺ سان تعلق رکندڙ 18 ورهين جو نوجوان عبدالغفور برفت عيد ڏينهن افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو حادثي کان پوءِ کيس فوري طور جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي ميڊيڪل رپورٽن موجب نوجوان جا ڏند ۽ کاڏي ڀڄي پئي آھي زخمن جي شدت سبب کيس فوري آپريشن جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته حادثي کي ست ڏينهن گذري چڪا آهن، ۽نوجوان عبدالغفور اڃا تائين اسپتال جي بستر تي تڪليف سان تڙپي رهيو آهي ڊاڪٽرن پاران روزانو آپريشن لاءِ اڄ يا سڀاڻي جو چئي دير ڪئي پئي وڃي ۽ ڪنهن به عمل ۾ اڳڀرائي نظر نٿي اچي ان دوران عبدالغفور جي ماءُ بيوسي جي حالت ۾ سندس سرهيڻ ويٺي آهي جنهن جي اکين جا ڳوڙها رڪجڻ جو نالو نٿا وٺن متاثر خاندان پاران ٻڌايو ويو آهي ته هو گذريل ڏينهن کان ملير جي هڪ سياسي نمائندي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گڏاپ جو ڪو به وڏيرو، سردار يا چونڊيل نمائندو هن ڏکي وقت ۾ مدد لاءِ سامهون نه آيو آهي عبدالغفور جي ماءُ ميڊيا ذريعي حڪومتي ۽ ضلعي اختيارين سان فرياد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته نوجوان جي فوري سرجري يقيني بڻائي وڃي منتخب نمائندا ۽ ضلعي آفيسر انساني بنيادن تي مدد ڪن
0 تبصرے