هن وقت پاڪستان ۾ لکين بيماريون انساني جانيون ڳڙڪائي رهيون آهن. جن بابت هن کان اڳ ورلي ڪو ٻڌو ويندو هو ته فلاڻي کي موت مار بيماري لڳي آهي. جنهن جو علاج ڪونھي. اهڙا به مريض موجود آهن. جن جو اڃان تائين ڪابه تشخيص ٿي نه سگھي آهي. جو چئجي ته هن کي فلاڻي بيماري آهي. يا فلاڻو مرض لڳو آهي. جنهن جو علاج ان مرض جي ماهر طبيب کان ڪرائڻ گھرجي. پاڪستان ۾ موجوده ليبارٽرين مان ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ليبارٽريون آهن. جن لاءِ وثوق سان چئي سگھجي ٿو، ته انهن جي رزلٽ ٻين عام ليبارٽرين کان حقيقتن جي ويجھو آهي.
پاڪستان جي هر ماڻھو ڪنهن نه بيماريءَ ۾ ورتل آهي. ڪوبه اهڙو فرد نه آهي. جيڪو چوي ته مون کي ڪابه بيماري نه آهي. جيڪڏهن آهي، ته اهو وڏو ڀاڳن ڀريو چئبو. ان کي گھرجي ته هو پنهنجي صحت جو خيال رکندي، هر صحت مضر شيءِ واپرائڻ کان پاسو ڪري پاڻ کي متوقع بيمارين کان بچائي سگھي ٿو.
هن وقت دنيا ۾ خاص ڪري اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ جيتريون بيماريون ڦٽي پيون آهن. اوتريون بيماريون آفريڪا جهڙن پست پيل ملڪن ۾ به ڪونه آهن. انهن بيمارين جا کوڙ سارا سبب آهن. جن ۾ هائبرڊ ٻج، فصلن ۾ هٿرادو ڀاڻ جو واهپو، هيڪانديون ڪيڙي مار دوائون استعمال ڪرڻ. فصلن تي بيجاھ ڦوهارا ڪري، انهن جي هاڃيڪار اثرن کي اپت ۾ شامل ڪرڻ وغيره. جتي اهڙيون هٿرادو بيمارين پيدا ڪندڙ طريقا واپرايا وڃن ٿا. اتي هڪ وڏو سبب پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۽ ٿانون جو بي انداز واهپو پڻ آهي.
پلاسٽڪ جو ٿيلھيون 1965ع ۾ سوئيڊن جي هڪ ڪمپنيءَ ٺاهي دنيا ۾ متعارف ڪرايون. جيڪي اڄ سموريءَ دنيا ۾ ڦهلجي ويون آهن. عالمي صحت جي اداري جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ روزانو 55 ارب پلاسٽڪ جون ٿيلھيون استعمال ٿي رهيون آهن. جن ۾ ساليانو 15 سيڪڙو واڌارو ٿيندو پيو وڃي. جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ پلاسٽڪ جون ٿيلھيون ٺاهيندڙ رجسٽرڊ ڪارخانن جو انگ 18 هزار کان مٿي آهي. جن ۾ ننڍين وڍين ٿيلھين جي پيداور رزانو 500 ڪلو گرام آهي. ۽ غير رجسٽرڊ ننڍن وڏن ڪارخانن جو انگ انهن کان ڌار آهي.
پلاسٽڪ جي ٿيلھين واپرائڻ ڪري اسان جون مقامي واهپي جون شيون بلڪل به ختم ٿي ويون آهن. جن جو جهڙوڪر وجود ئي ختم ٿي ويو آهي. جن ۾ ڪاغذ مان ٺهيل ڳوٿريون. ڪپڙي جون ڳوٿريون ۽ کجيءَ جي ڦڙن مان ٺهندڙ ڇٻا، تـﺆنريون ۽ تڏا ائين غائب ٿي ويا آهن. جهڙوڪر انهن جو وجود هو ئي ڪونه! ان عمل جي ڪري نه رڳو اسان جي صحت تي مضر اثر پيا آهن. پر اسان جي ٻهراڙيءَ جي معيشيت کي پڻ هاڃو رسايو آهي. جو اسانجو ٻهراڙيءَ جو عورتون گھرن ۾ کجيءَ جي ڦڙن مان تڏا، ڇٻا، ڇٻيون، سنھي گاھ ۽ تيلن مان ٻوهارا، ڌٻڪيون (سنبريون)، ڪپڙي جا ٿيلھا ۽ ننڍيون ٿيلھيون ٺاهي چڱو خاصو ناڻو ڪمائينديون هيون. ان کان سواءَ ڦيش مان واڻ ٺاهي پڻ شهرن ۾ وڪڻي، پنهنجي گھر ۾ ڪتب ايندڙ وکر وٺي سگھنديون هيون. انهن جي جاءِ پلاسٽڪ جي ڏوريءَ وٺي، وڏو ڇيهو رسايو آهي. ان کان سواءِ ڦارون جي سنھين ڪاٺين مان ٽوڪرا، ٽوڪريون ۽ کارا جوڙيندا هئا. جن جي واهپي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيندو هو. نه ئي ڪو ڪنهن کي بيماري لڳڻ جو ڀـﺆ هو. انهن سڀني جي جاءِ اڄ پلاسٽڪ جي ٿيلھين، ٽوڪرن، ڇٻين، پترين، دسترخوانن، ۽ ڪپڙي جي نوار تي پلاسٽڪ جي نوار وٺي ڇڏي آهي. جنهن مان ڪيترا ئي مرض اڀري پيا آهن. جن جو طبيبن وٽ ڪو معقول علاج آهي ئي ڪونه.
هن وقت دنيا پلاسٽڪ جي سامان مان وڏي پريشان لڳي ٿي. گھڻن ملڪن جي ماحولياتي ادارن ته پلاسٽڪ جي سامان تي بندش وجھڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي. پر ڪي خاطر خواه نتيجا حاصل ڪري نه سگھي آهي. ويتر ڏينهون ڏينهن پلاسٽڪ جي سامان ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. جن ۾ گھرن ۾ استعمال ۾ ايندڙ کاڌ خوراڪ جا ٿانو ٿالھيون، ٿالھ، چمچا (ڊنر سيٽ) ڪوپ، ساسرون ٻيو سامان (ٽي سيٽ) هاٽ پاٽ، ڪولڊ ڊرنڪ لاءِ بوتلون، پاڻيءَ جون بوتلون، ڪولر، دوائن جون شيشيون، ڊسپوزيبل گلاس ۽ برنيون وغيره شامل آهن.
گرم ۽ ٿڌا کاڌا پلاسٽڪ جي ٿانون ۾ واپرائڻ جي ڪري ڪيترائي نقصان ٿين ٿا. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي هڪ رپورٽ موجب دنيا جو هر بالغ روزاني 50 هزار پلاسٽڪ جا ذرڙا ڳهي رهيو آهي. ساڳئي اداري جي چوڻ موجب پلاسٽڪ جي ٿيلھين، ڊسپوزيبل ڪوپن ۽ رٻڙ ۾ هڪ ڪيميڪل هوندو آهي. جيڪو ڪيترين ئي بيمارين جو ڪارڻ بڻبو آهي. جنهن ۾ ڪينسر به هڪ آهي.
پلاسٽڪ واپرائڻ مان ڪيترائي روزمره جا نقصان آهن. جن ۾ جيڪڏهن اسين پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ سامان بازار مان گھر نيئي اچون ٿا. ته سامان استعمال ڪرڻ کان پوءِ اهي ٿيلھيون گھروارا ٻاهر ائين ئي ڦِٽِي ڪريو ڇڏين. جيئن ٻاهر ڪچرو ڦٽو ڪبو آهي. انهن ٿيلھين جي اڇلڻ سان اهي، وزن نه هئڻ ڪري، هوا جي زور تي نالين ۾ وڃي پون ٿيون. جنهن ڪري نيڪال جو پاڻي آسانيءَ سان نيڪال نٿو ٿئي. ۽ ٿيلھين جي ڪنڊ پاسي ۾ ڦاسي پوڻ ڪري، نالين جي سڄي گندگي روڊن ۽ رستن تي اٿلي پوندي آهي. جيڪا هڪ سٺي ماحول کي به بدبودار ماحول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. نه رڳو ايترو پر ان گندگيءَ ۾ موجود جراثيم هوا سان گڏجي صحت مند انسان جي ساھ کڻڻ جي عمل ۾ ان جي ڦڦڙن تائين رسي جسم کي هاڃو رسائڻ ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين. اهو ته هر هڪ جي عام مشاهدي ۾ آهي. وري جي انهن ٿيلھين يا ڀڳل ٽٽل بوتلن کي وڃي ڪٿي ضايع ڪرڻ جي نيت سان باھ ڏجي ته انهن جي سڙڻ جي ڪري، انهن مان زهريلا مادا هوا ۾ ڦهلجي وڃن ٿا. جيڪي هر ساهواري کي ساھ کڻڻ سان گڏ اندر جسم ۾ داخل ٿين ٿا ۽ اهي ڦڦڙن جي ڪينسر جو سبب بڻجن ٿا. وڏين موتمار بيمارين کي جسم ۾ پيدا ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهوئي اهم ڪارڻ آهي، جو اڄ اسان جي ملڪ ۾ ڪينسر جو مرض ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. جنهن جا اسين پاڻ ذميوار آهيون. اسان کي گھرجي ته اسين پنهنجي، پنهنجي ٻچن جي، دوستن عزيزن جي زندگين کي ڪينسر ۽ ان جهڙين ٻين موتمار بيمارين کان بچائڻ لاءِ پلاسٽڪ جي ساز و سامان کي استعمال ڪرڻ کان پاڻ کي به روڪيون ته ٻين کي انهن جي استعمال ۽ نقصان کان بچائڻ جي صلاح ڏيون.
نعم البدل: پلاسٽڪ جي سامان جي جاءِ تي اسان کي اصل سامان واپرائڻ گھرجي. جهڙوڪ کجيءَ مان جڙيل تڏا، تـﺆنريون، نُکون ڪپڙي جا دسترخوان، ڪپڙي جون ڳوٿريون، ڳُندڻ لاءِ ڇٻا، گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ اصل ٿانون جن ۾ جست، اسٽيل، ٽامو، پتل، ٺڪر، چيني جا ٺهيل ڪوپ، پيالا، ساسرون، پليٽون، شيشي جا ٿانو وغيره کي پنهنجي عام واهپي ۾ واپس آڻيون ته جيئن پنهنجي صحت کي برقرار رکي سگھون.
0 تبصرے