ملير (رپورٽر) ڪراچي جي صنعتي علائقي پورٽ قاسم ويجهو هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم دوران ساھ ٻوساٽجڻ سبب نوجوان فوت ذريعن موجب فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 25سالن جي لقمان ولد عبدالرحمان طور ٿي آهي جيڪو ڪم دوران اوچتو بيهوش ٿي پيو عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته واقعي وقت ڪمپني ۾ سخت گرمي هئي ۽ مناسب هوا جي گُذر لاء ڪو به بندوبست موجود نه هو واقعو پيش اچڻ بعد ريسڪيو ٽيمن فوري طور تي واقعي واري جاءِ تي پهچي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن کيس فوت قرار ڏنوابتدائي رپورٽن موجب فوت ٿيڻ جو ڪارڻ شديد گرمي، هوا جي کوٽ يا ڪنهن زهريلي گئس جو اخراج ٿي سگهي ٿو حتمي سببن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جاري آهي
0 تبصرے