English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس جو ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ آپريشن، 2 ڏوهاري گرفتار
211 views
|
26th May 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن، ٻه بدنام ڏوھاري منظور سعدخاناني ۽ ملنگ عرف ملنگو سعدخاناڻي گرفتار. ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ خانپور جي علائقي رستم جي ڪچي ڳوٺ پيارو سعد خاناڻي، چمن ۽ ڪوٽ شاهو ۾ ڏوهارين خلاف گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن جاري هو گرفتار ڏوھاري پوليس، رينجرز ۽ مير غالب ڊومڪي جي مٿان حملي ۾ ملوث آھن ان سان گڏوگڏ ڪيئي ڦر، چوري جي وارداتن، پوليس مقابلن ۽ ڪيترين ئي سنگين وارداتن جي ڪيسن ۾ پڻ گهربل هئا، ڏوھارين جي خاتمي تائين بي رحماڻو گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن جاري رهندو / ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ تفصيل موجب : ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ ۽ ونگ ڪمانڊر رينجرز جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڳوٺ پيارو سعدخاناڻي، چمن ۽ ڪوٽ شاھو ۾ گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن جي دوران پوليس، رينجرس ۽ مير غالب ڊومڪي تي حملي ۾ ملوث منظور سعدخاناڻي ۽ ملنگو سعيدخاناڻي کي گرفتار ڪيو ويو آھي. 19 مئي تي فيضو اسٽاپ تي شهرين کي ڦرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ کان پوءِ رينجرز اهلڪارن ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو. رينجرز جوان هريش ڪمار فائرنگ جي تبادلي ۾ زخمي ٿيو، جيڪو زخمن جي سٽ نه سهندي پنهنجي جان قربان ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل رينجرس جي اهلڪار هريش ڪمار جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هڪ هفتا کان وٺي خانپور جي ڪچي ڪوٽ شاهو ۽ پيارو سعيدخاناڻي جتوئي سميت ٻين ڳوٺن تي پوليس ۽ رينجرس جي گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ھو. جنهن ۾ شهيد رينجرس اهلڪار هريش ڪمار جي شهادت ۾ ملوث ٻن جوابدارن ملنگ سعدخاناڻي ۽ منظور سعدخاناڻي جتوئي کي گرفتار ڪيو آهي، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ابتدائي معلومات موجب گرفتار ٿيل ڏوهارين اعتراف ڪيو آهي ته سردار غالب ڊمڪي جي گاڏي تي ٿيل حملي سميت ٻين ڪيترين ئي ڦر، چوري، پوليس مقابلي ۽ سنگين وارداتن جي ڪيسن ۾ گهربل آهن، ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، پوليس ۽ رينجرس هر وقت ڪچي توري پڪي تي ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي اڳ به ڪيترائي ڏوهاري پوليس مقابلن ۾ مارجي ويا آهن، ڪيترائي گرفتار ٿيا آهن، شڪارپور ضلعي جو امن امان بهتر ڪرڻ پهرين ترجيح آھي ڏوھارين جي خاتمي تائين بي رحماڻو مسلسل آپريشن جاري رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
0 تبصرے