تعليم، آزادي ۽ حڪومت" آمريڪي يونيورسٽين جي بحران جي ڪهاڻي

سيد غلام مصطفي شاھ

تعليم، آزادي ۽ حڪومت

تازو هڪ خبر سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻي، جڏهن ٽرمپ انتظاميه هارورڊ يونيورسٽي جا 2.3 بلين ڊالر فنڊ منجمند ڪري ڇڏيا.اها ڳالهه ٻڌي ڪيترن ئي ذهنن ۾ سوال اڀريا ته آخر اهڙو قدم ڇو کنيو ويو؟ڇا هي رڳو سياسي فيصلو آهي يا ان پٺيان ڪو ٻيو سبب آهي؟اچو ته ان معاملي کي سادي انداز ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. سڀ ڪجهه هارورڊ جي ڪيمپس مان شروع ٿيو، جتي ڪجهه وقت کان پرو-فلسطيني شاگرد احتجاج ڪري رهيا هئا۔2023 ۾ حماس جي اسرائيل تي حملي ۽ ان جي جواب ۾ اسرائيل جي غزه تي ڪارروائين کانپوءِ هي احتجاج وڌي ويا۔هارورڊ جي شاگردن به ان صورتحال کي نظرانداز نه ڪيو ۽ پنهنجو آواز بلند ڪيو۔پر انهيءَ دوران ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته ڪيمپس تي اينٽي سيمائيٽزم، يعني يهودين خلاف نفرت، وڌي رهي آهي۔تنهنڪري حڪومت ان معاملي کي سنجيدگي سان ڏسڻ لڳي. ٽرمپ انتظاميه انهيءَ ڳالهه کي سنجيدگي سان ورتو ۽ هارورڊ تي دٻاءُ وڌو ته هو سخت پاليسيون لاڳو ڪري، تقريبن ۽ گڏجاڻين جا پروگرام بند ڪري ۽ شاگردن جي سرگرمين تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.هارورڊ انهن شرطن کي رد ڪندي چيو ته اهي انهن جي علمي آزادي جي خلاف آهن۔ نتيجي طور، 14 اپريل 2025 تي حڪومت طرفان يونيورسٽي جا فنڊ منجمند ڪيا ويا، جن ۾ 2.2 بلين ڊالر گرانٽس ۽ 60 ملين ڊالر ڪنٽريڪٽس شامل هئا۔
هارورڊ انتظاميه جو چوڻ آهي ته هو اينٽي سيمائيٽزم خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن، پر حڪومت جون شرطون هڪ قسم جو غير ضروري دٻاءُ آهن۔سندن خيال ۾ يونيورسٽي جو مقصد علم ڏيڻ ۽ شاگردن کي آزاد سوچ جو ماحول مهيا ڪرڻ آهي، نه ته ڪنهن جي چونڊيل پاليسين تي هلڻ۔ هي موقف سچ ته دل کي ڏکائيندڙ آهي، ڇو ته جيڪڏهن حڪومت هر ڀيري يونيورسٽين جي معاملن ۾ مداخلت ڪندي ته پوءِ انهن جي خودمختياري ڪيئن قائم رهندي؟ اھو پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو سوال پڻ آهي.
ٻئي طرف، ٽرمپ انتظاميه جو موقف آهي ته اهي فنڊ آمريڪي عوام جي ٽيڪس مان ايندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪا به يونيورسٽي سول رائٽس قانونن تي عمل نٿي ڪري،خاص طور يهودي شاگردن جي تحفظ جي حوالي سان، ته پوءِ انهن کي فنڊ نه ملڻ گهرجن۔اها ڳالهه به ڪجهه حد تائين سمجهه ۾ ايندڙ آهي، ڇو ته هر شاگرد کي محفوظ تعليمي ماحول ملڻ لازمي آهي۔
هي بحران صرف تعليمي آزاديءَ جو نه، پر آمريڪا جي سياسي منظرنامي ۾ به هڪ اهم بحث جو سبب بڻجي ويو آهي.ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ٽرمپ انتظاميه هن معاملي کي پنهنجي سياسي ايجنڊا لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.سندن نظر ۾، ٽرمپ پنهنجن قدامت پسند ووٽرن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ انهن يونيورسٽين تي هٿ وڌو آهي، جيڪي ترقي پسند خيالن جي نمائندگي ڪن ٿيون.ٻئي طرف، ڪيترائي شاگرد ۽ استادن جون تنظيمون ان قدم کي "علم تي حملي" جي صورت ۾ ڏسن ٿا.سندن خيال آهي ته جيڪڏهن حڪومت تعليمي ادارن کي پاليسي ٺاهڻ کان روڪي،ته پوءِ اهو نه رڳو شاگردن، پر مستقبل جي سوچن، تحقيق ۽ نون خيالن جي ترقيءَ کي به محدود ڪندو.هڪ صحافي لکيو ته: "جيڪڏهن ڪيمپسن تي به آزاد آواز بند ٿين، ته پوءِ آزادي جي بنياد ئي ڪمزور ٿي ويندو"
اهو سوال به اڀري ٿو ته انهن سڀني قدمن جو نوجوانن جي نفسيات تي ڪهڙو اثر پوندو؟ جڏهن شاگرد ڏسن ٿا ته سندن راءِ کي دٻايو پيو وڃي، يا ته سندن احتجاج کي تعصب جو نالو ڏئي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ته پوءِ اهي مايوس ٿين ٿا، انهن جو اعتماد ٽٽندو آهي۔ علمي ادارن جو اصل ڪردار ته نوجوان ذهنن کي آزاد سوچ جي تربيت ڏيڻ آهي، نه ڪي انهن کي سياسي دٻاءُ هيٺ آڻڻ هوندو آهي.
اهڙين حالتن ۾ ضروري آهي ته شاگرد، استادن، ۽ والدين جي وچ ۾ لاڳاپو مضبوط هجي۔ان سان گڏ، سول سوسائٽي، ميڊيا، ۽ قانوني ادارن جو به ڪردار آهي ته هو تعليمي آزاديءَ جو تحفظ ڪن۔جيڪڏهن تعليمي ادارا حڪومت جي حڪمن تي هلڻ لڳن، ته پوءِ اتي تحقيق، تنقيد، ۽ نوان خيال ڪڏهن به جنم نه وٺي سگهندا۔
هن سڄي بحران مان نڪرندڙ سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪي سماج، جيڪو آزادي ۽ اظهار جي حق تي فخر ڪري ٿو، اهو واقعي ايترو ئي آزاد آهي؟ يا وري سياست علم جي ميدان ۾ به پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري چُڪي آهي؟ تعليم، جيڪا معاشري جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي، ان کي جيڪڏهن محدود ڪيو ويو ته ان جا اثر نه رڳو يونيورسٽين تائين محدود هوندا، پر پوري سماج تي پوندا۔