صدين کان آباد ڳوٺاڻن جي رهائشي ماڳن، قبرستان ۽ گهرن کي خالي ڪرائڻ جي ڪوششن خلاف ڌرڻو
ٺٽو(ڊ ر) ڳوٺ ولي محمد مٽائي ملاح ۾ بااثر جي زيادتين خلاف عورتن ٻارن سميت ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو گھوڙاٻاري ديھ گنبالي جي ڳوٺ ولي محمد مٽائي ملاح ۾ بااثر پاران زمينن تي مبينا والار خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صدين کان آباد ڳوٺاڻن جي رهائشي ماڳن، قبرستان ۽ گهرن کي خالي ڪرائڻ جي ڪوششن خلاف سومار مٽائي، محمد مٽائي، ولي محمد مٽائي، ناٿو مٽائي، دينو مٽائي سميت سوين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. مظاهري دوران ڳوٺاڻن الزام لڳايو ته پوليس جي مدد سان زبردستي زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي، جيڪو سندن اباڻي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. ڳوٺاڻن چيو ته هو سالن کان هتي آباد آهن، پر هاڻ زبردستي بي دخل ڪيو پيو وڃي. عورتن ۽ ٻارن پڻ مظاهري ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي، جن زوردادر نعره ھڻندي چيو ته "والار بند ڪريو"، "اسان جا حق بحال ڪريو" ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته انور مجيد جي والار روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ۽ مقامي رهواسين کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي ته جيئن هو بنا ڊپ جي پنهنجي ڌرتيءَ تي زندگي بسر ڪري سگهن.!
0 تبصرے