عرس مبارڪ جي تقريب جي موقعي تي غوث الاعظم ڪانفرنس و دستار فضیلت منعقد ڪئي وئي
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور مرڪز اهلسنت جامعہ مجیدیہ تعلیم القرآن درگاہ شریف مفتي اعظم شڪارپور ۾ مفتي محمد نصراللہ قادري رحمتہ ﷲ عليه جي عرس مبارڪ جي تقريب جي موقعي تي غوث الاعظم ڪانفرنس و دستار فضیلت منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ملڪ پاڪستان جا مشهور معروف بزرگان دین علماء ڪرام مشائخ عظام پنهنجي نوراني خطابات سان عاشقن جي دلين کي منور ڪرڻ فرمايو ۽ مفتي اعظم شڪارپور مفتي محمد نصرﷲ قادري رحمتہ عليہ ﷲ جي پنجويهن ورسي جي موقعي سندس جي زندگيءَ تي روشني وڌي وئي مفتي محمد نصرﷲ قادري رحمتہ ﷲ عليه زندگي جا 28 سال شڪارپور شهر جي جامعہ مسجد لکیدر جا امام رهيا ۽ شڪارپور ۾ مسلڪ اھلسنت جي خدمت ڪئي ۽ جامعه مجيديه تعليم القرآن جو بنياد رکيائون سندس جي اداري جي پنج شاگردن جي دستار فضیلت به منعقد ڪئي وئي.غوث الاعظم ڪانفرنس جي صدارت امير اھلسنت پاڪستان پير ميان عبدالخالق القادري امير مرڪزي جماعت اھلسنت پاڪستان جن ڪئي زير سرپرستي جگر گوشہ مفتي اعظم شڪارپور حضرت علامہ لطف ﷲ قادري.خصوصي خطاب پير ڪرم ﷲ المعروف دلبر سائين جن ڪرڻ فرمايو.ان موقعي تي پير سيد ضمير شاه جيلاني.پير سڪندر شاہ جيلاني.فراز امتياز احمد شيخ.پير سيد محمد حسن شاہ بخاري.آغا غلام نبي خان پٺاڻ. صاحبزاده حافظ فضل ﷲ نوراني. مولانا صبغت اللہ قادري. ۽ سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن پڻ خطاب ڪرڻ فرمايو.
0 تبصرے