سنڌ حڪومت جي ترجمان هير سوهو پاران سجاول ويجهو اسڪول جي نون ڪلاس رومز جو افتتاح
سجاول (گلشيرميربحر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ايم پي اي هير سوهو، ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند سان گڏ گورنمينٽ پرائمري اسڪول بهاول خان مگسي ۾ اي ڊي پي اسڪيم تحت نئين تعمير ٿيل ٽن اضافي ڪلاس رومن جي مڪمل ٿيڻ جو باضابطه افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ حڪومت جي ترجمان ايم پي اي هير سوهو چيو ته تعليم هڪ بنيادي انساني حق آهي جيڪو هر شخص لاءِ دنيا ۾ عزت ۽ وقار سان زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي. ھُن چيو تہ معياري تعليم جي فراهمي سان ئي هڪ اهڙو نسل تيار ڪري سگهجي ٿو جيڪو ملڪ کي مسئلن جي ڀنڀٽ مان ڪڍي سگهي ٿو. هن چيو ته تعليم ئي قومن جي تعمير ۽ ترقي جو ذريعو ھوندو آهي، اُن تي ئي قوم جي ذهني ۽ شعوري بيداري منحصر ھوندي آهي، تعليم جو مقصد فرد جي ذهني، جسماني ۽ اخلاقي تربيت کي تشڪيل ڏيڻ آهي. هُن چيو ته ايڊاپ ڪيل اسڪولن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ انھن ۾ سمورين گهربل بنيادي سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول بهاول خان مگسي کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ پهرين منزل سميت راند جي ميدان، واش روم، سولر سسٽم ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ پي سي ون تيار ڪري تعليم کاتي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ۽ ڪوشش آھي ته ان کي جلد منظور ڪرايو وڃي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا، تعليم کاتو، اُستاد، والدين، سول سوسائٽي، خاص طور تي مقامي معززين ۽ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته پنهنجي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪريون. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند چيو ته ضلعي جي سڀني اسڪولن ۾ بهتر ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته جيئن هتي جي نوجوانن جي زندگي جو معيار بهتر ٿي سگهي. هن چيو ته عوام کي تعليم ۽ صحت سميت سموريون گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، سجاول ضلعي ۾ خواندگي جي شرح وڌائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ضلعي ۾ ھلندڙ ترقياتي منصوبن خاص طور تي اسڪولن جي تعمير، مرمت ۽ بحالي واري ڪم کي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ اولين ترجيح آهي ته جيئن شاگرد پرامن ۽ خوشگوار ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي اڳواڻ نجيب سرويچ. ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس محمد يوسف منگي، اسسٽنٽ ڪمشنر وليد ڏاوچ، اسسٽنٽ انجنيئر غلام محمد چانڊيو، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر فدا حسين لغاري، محمد اسماعيل ميمڻ کان علاوه پ ٽ الف اڳواڻن محمد عمر ميمڻ، عبدالشڪور ميربحر، امين سرواڻ، لطف الله ميمڻ، شمس کٽي، سول سوسائٽي جي نمائندن، اُستادن ۽ علائقي جي معززيد ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے